اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) محسن پاڪستان ۽ ناليوارو ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان 85 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، صدر، وزيراعظم، آرمي چيف ۽ ٻين سياستدانن پاران ڏک جو اظهار، ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي ڦڦڙن ۾ تڪليف سبب صبح جو 6 وڳي آر ايل اسپتال اسلام آباد آندو ويو، طبيعت خراب ٿيڻ سبب 7 لڳي 4 منٽن تي 85 ورهين جي ڄمار ۾ دم ڏنو، ڊاڪٽرن سندس زندگي بچائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر زندگي سندس ساٿ نه ڏنو، ايٽمي سائسندان جي فيصل مسجد اسلام آباد ۾ منجهند جو ساڍي 3 وڳي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ وفاقي وزير، اعليٰ عسڪري قيادت ۽ وڏي انگ ۾ ٻين ماڻهن شرڪت ڪئي، جنازي نماز احمد الغزالي پڙهائي، جنهن کانپوءِ اسلام آباد جي ايڇ ايٽ قبرستان ۾ سرڪاري اعزاز سان تدفين ڪئي وئي، هوڏانهن ان موقعي تي صدر عارف علوي، وزيراعظم عمران خان، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجو، پ پ چيئرمين بلال ڀٽو، مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ۽ ٻين سياستدانن ڏک جو اظهار ڪيو آهي.
122