123

بويلين هوائي فوج جي جهاز کي حادثو، صحت واري وزارت جي 4 عهديدارن سميت 6 ڄڻا فوت

لاپاز (ويب ڊيسڪ) بوليويا جي علائقي آميزون ۾ هوائي فوج جو جهاز ڪرڻ سبب صحت واري وزارت جي 4 عهديدارن سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا. بوليوين پوليس جي ڊپٽي ڪمانڊر ڪرنل لوئس ڪيوواس ميڊيا کي بڌايو ته جهاز ربريلٽا کان اڏام جي رڳو 7 منٽن کانپوءِ هڪ وڻ سان ٽڪرائجي ويو. جهاز ۾ صحت واري وزارت جي نيشنل ڊينگي ۽ چڪن گينيا پروگرام جا 4 عهديدرا ۽ عملي جا 2 ڪارڪن سوار هئا جيڪي حادثي ۾ فوت ٿي ويا. هن چيو ته حادثي بابت جاچ ڪئي پئي وڃي 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو