116

ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي ائٽمي پروگرام ۾ ملڪ لاءِ ڪيل خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو: شازيا عطا مري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامنيٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيا عطا مري ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو آهي ته ملڪ جي نامور جوھري سائنسدان ۽ ملڪ جي ايٽمي پروگرام جي باني ڊاڪٽر عبدالقدير  خان  جي وفات جو ٻڌي دلي صدمو پھتو آهي ـ شازيه مري چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيون ٿا ۽ ھن ڏک جي گھڙي ۾ مرحوم جي  پوئنيرن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار پڻ ڪريون ٿاـ ھن چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي ائٽمي پروگرام ۾ ملڪ لاءِ ڪيل خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو،اسان کيس ان لاءِ خراج تحسين پيش ڪريون ٿاـ شازيه مري دعا ڪندي چيو ته الله تعاليٰ ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي روح جي مغفرت ۽ کيس جنت ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ پوئنيرن کي صبر عطا ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو