ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ رڪشا ڊرائيور جي حاضر ڌماغي سبب 5 ٻارڙا اغوا ٿيڻ کان بچي ويا آهن، جوابدار مدرسي مان واپسي تي ٻارن کي والد جو دوست چئي رڪشا ۾ ويهاريو، ٻار رڪشا ۾ مختلف هنڌن تي گهمائيندو رهيو، ڊرائيور جي پڇڻ تي ٻڌايو ته مامي جي گهر وٺي وڃان ٿو، شڪ پوڻ تي رڪشا ڊرائيور، ٻارن کان والدين جو نمبر وٺي رابطو ڪيو، پتو پيو ته انهن کي اغوا ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، پوليس پهچڻ تي جوابدار گرفتار ڪيا ويا، جڏهن ته 2 نينگرن ۽ 3 نينگرين کي والدين حوالي ڪيو ويو آهي، بازياب ڪرايلن ۾ 10 ورهين جي عارفه، نورين، 3 ورهين جو بلال، 6 ورهين جو محمد حسن ۽ 3 ورهين جو احسن شامل آهن.
112