ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صنعت، واپار ۽ امداد باهمي کاتي واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو ۽ مذهبي معاملن ۽ عشر و زڪوات بابت وزيراعليٰ سنڌ جي خصوصي معاون فياض ٻٽ ۽ انويسٽمينٽ ڊپارٽمينٽ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پروجيڪٽس بابت وزيراعليٰ سنڌ جي خصوصي معاون سيد قاسم نويد قمر ۽ خصوصي ماڻهن جي بحالي بابت وزيراعليٰ سنڌ جي خصوصي معاون صادق علي ميمڻ پاران محسن پاڪستان ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهارڪيو آهي. هنن چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان پاڪستان جي دفاع کي ناقابل تسخير بڻائي هڪ عظيم ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي ۽ پاڪستاني قوم هن جي شڪرگذار ۽ احسان کي هميشه ياد رکندي. صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو، وزيراعليٰ سنڌ جي خصوصي معاونن سيد قاسم نويد قمر ۽ صادق علي ميمڻ الله تعاليٰ کان دعا گهري ته مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پونئرن کي صبر عطا فرمائي.
105