97

ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي جنازي نماز فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ناليواري ايٽمي سائنسدان ۽ پاڪستان جي محسن ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي جنازه نماز ڪالهه فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي وئي. ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي جسد خاڪي کي قومي جهنڊي ۾ ويڙهي قومي اعزاز سان فيصل مسجد ۾ آندو ويو، جتي پروفيسر ڊاڪٽر احمد الغزالي پاڪستان جي محسن ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي جنازي نماز پڙهائي. ملڪ جي وقتي صدر ۽ چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي، ڪابينه ميمبرن ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن،سول ۽ عسڪري عملدارن سميت ماڻهن جي وڏي انگ هلڪي هلڪي برسات دوران جنازي نماز ادا ڪئي. 85 سالن جي پاڪستاني محسن ڊاڪٽر عبدالقدير خان آچر ڏينهن صبح جو ڊگهي علالت سبب لاڏاڻو ڪري ويو. هن پنهنجي پونئرن ۾ بيوه ۽ ٻه نياڻيون ڇڏيون. جنازي نماز جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا هئا. ضلعي انتظاميه، رينجرز ۽ پاڪ فوج جي خصوصي اهلڪارن سميت ٻين ادارن جي اهلڪارن کي وڏي انگ ۾ مقرر ڪيو ويو هو. جنازي نماز جي موقعي تي ٽريفڪ لاءِ خاص پلان ترتيب ڏنو ويو هو ته جيئن ملڪ جي هر حصي مان ماڻهو جنازي ۾ شريڪ ٿي سگهن. قومي هيرو جي آخري سفر کي الوداع چوڻ لاءِ زندگي جي هر شعبي سان واسطو رکندڙ وڏي انگ ۾ فيصل مسجد ۾ جمع ٿيا. ان موقعي تي فيصل مسجد ۽ ان جي ڀرپاسي هلڪي بوندا باندي ٿيندي رهي. محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير خان پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻائڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏنو هو ۽ ملڪي دفاع کي اڻ مٽ بڻايو، سندس خدمتن جي اعتراف ۾ سڄي قوم سوڳوار آهي. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان، ڪابينه ميمبرن ۽ پارٽي جي قيادت کي جنازي نماز ۾ شرڪت جي هدايت ڪئي هئي. پاڪستان جي محسن ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي ايڇ-8 جي قبرستان ۾ قومي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو