132

پنجاب جو وڏو وزير هلندڙ مهيني وقار النساءَ يونيورسٽي جو افتتاح ڪندو: گهرو وزير شيخ رشيد احمد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار هلندڙ مهيني وقار النساءَ يونيورسٽي راولپنڊي جو افتتاح ڪندو. وقار النساءَ ڪاليج کي يونيورسٽي طور اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي. گهرو وزير چيو ته وقار النساءَ وومين ڪاليج  کي يونيورسٽي ۾ اپگريڊ ڪيو پيو وڃي، جنهن جو اعلان وڏو وزير هلندڙ مهيني راولپنڊي اچي ڪندو. هن اميد ڏيکاري ته ربيع الاول دوران 60 تعليمي ادارن جو هدف مڪمل ٿي ويندو، 7 ڪاليج مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ ٽين وومين يونيورسٽي جو افتتاح ٿيڻ وارو آهي. اسان راولپنڊي شهر ۾ انفارميشن ٽيڪنالوجي يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.  جڏهن ته بهبود اسڪول کي تعليم کاتي حوالي ڪيو ويو آهي ته جيئن هڪ انٽر ڪاليج قائم ڪري سگهجي. اهڙي ريت مري روڊ تي شاگردياڻين جو هڪ ڪاليج پڻ قائم ڪيو ويندو. هن چيو ته راولپنڊي سڄي ملڪ ۾ عورتن جي تعليم جي لحاظ کان سرفهرست آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو