114

آزاد ڪشمير جو اڳوڻو صدر ۽ وزيراعظم سردار سڪندر حيات لاڏاڻو ڪري ويو

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جو اڳوڻو صدر ۽ وزيراعظم سردار سڪندر حيات لاڏاڻو ڪري ويو، سردار سڪندر حيات دل جي تڪليف سبب اسپتال ۾ داخل هو، جتي هن دم ڏنو، سردار سڪندر خان آزاد ڪشمير جو صدر ۽ 2 ڀيرا وزيراعظم رهي چڪو هو، ولاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف وڏو آواز بلند ڪيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو