اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ طلب، لانگ مارچ سميت حڪومت کي هر محاذ تي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو، رپورٽ موجب پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ پي ڊي ايم اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ ٿيندو، پي ڊي ايم ۾ شامل سمورن جماعتن جا سربراهه شريڪ ٿيندا، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان اهم اڳواڻن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، وفاقي حڪومت کي هر محاذ تي ٽف ٽائم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ ڪراچي ۾ ٿيندڙ اجلاس جي تجويزن ۽ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اپوزيشن جي حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويندو، جڏهن ته اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جي معاملن کي حتمي شڪل ڏني ويندي، افغانستان جي موجوده صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي.
