فائرنگ 111

مرزاپور ڀرسان گھر جو سودو وٺڻ لاءِ آيل نوجوان ھٿياربندن ھٿان گوليون ھڻي قتل، جوابدار سرعام گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فائرنگ ڪندا فرار

مرزاپور (ويب ڊيسڪ) مرزاپور ڀرسان جمالپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ انڙ ۾ هٿياربندن ڏينهن ڏٺي جو گهر جو سودو وٺڻ آيل ڳوٺ مينهل جي وانڍ واسي نوجوان عبدالجبار جوڻيجو کي سرعام گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، جڏهن ته اطلاع باوجود جمالپور پوليس 5ڪلاڪ دير سان ڳوٺ مينهل جي وانڍ پھچي نوجوان  جو مڙھھ کڻائي مدئجي اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو، وارثن نوجوان جو مڙھھ کڻي ڳوٺ پهچايو، جيڪو گهر پھچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ان سلسلي ۾ مقتول نوجوان جي وارثن جانب جوڻيجو ۽ ٻين جو چوڻ ھو تھ نوجوان عبدالجبار جوڻيجو انڙ ڳوٺ ۾ سودو وٺڻ ويو ته فقير ڳوٺ جي جوڻيجا برادري جي ماڻهن کيس سرعام ناحق گوليون هڻي ٿڏي تي قتل ڪري فرار ٿي ويا، ياد رهي ته مقتول نوجوان عبدالجبار جوڻيجو اصل ڳوٺ عزت جي وانڍ جو رهواسي آهي جنهن ڳوٺ ۾ مقبول جوڻيجي واري ڌر سان جهيڙي بعد ڪچو اچي وسايو جيڪو ڌرين وچ ۾ ٺاهه ٿي وڃڻ کانپوءِ به ڪچي ۾ رهي رهيو هو جنهن کي هٿياربندن قتل ڪيو آهي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي جمالپور پوليس جو چوڻ هو ته نوجوان جي لاش جو پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي جاچ ڪري رهيا آهيون وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، اھڙي طرح واقعي بعد علائقي ۾ خوف و حراس پکڙجي ويو. جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نٿي سگهيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو