109

چين ۽ تائيوان ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، جنگي جهازن جون اڏامون، خطي جو امن خطري ۾ پئجي ويو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۽ تائيوان ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، جنگي جهازن جون اڏامون، خطي جو امن خطري ۾ پئجي ويو، رپورٽ موجب تائيوارن جي سرحد جي ويجهو چين جي فوجي چرپر جنگي جهازن اڏامون ڪيون جڏهن ته بحري مشقون پڻ ڪيون ويون، چين ۽ تائيوان ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ جي ڪري خطي جو امن خطري ۾ پئجي ويو آهي، ٻنهي پوئتي هٽڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن چيني صدر شي جن پنگ چيو آهي ته تائيوان چين جو حصو هو، جلد پرامن طريقي سان واپس شامل ٿيندو، ان حقيقت کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي، جڏهن ته تائيوان جو چوڻ آهي ته اسان جنگ نٿا چاهيون، پنهنجي دفاع جو حق رکون ٿا، ڪوبه اڳرائي ڪندو ته خاموش نه وينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو