ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا سبب 19 ڄڻا فوت، 767 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، جڏهن ته سنڌ ۾ 13 مريض فوت ٿي ويا، 393 مريض عالمي وبا ۾ ورتل آهن، ڪراچي ۾ 60، حيدرآباد ۾ 156، بدين ۾ 24، دادو ۾ 17، سجاول ۾ 15، سانگهڙ ۾ 14، ڄامشورو ۾ 13، ميرپورخاص ۾ 11، جيڪب آباد ۾ 10، شڪارپور ۾ 9 ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ 7 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، هوڏانهن سنڌ ۾ اڄ کان سمورا تعليمي ادارا ۽ يونيورسٽيون 100 سيڪڙو حاضري سان گڏکولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، اين سي او سي اجلاس جي فيصلي جي روشني ۾ سمورا سرڪاري توڙي خانگي تعليمي ادارا 100 سيڪڙو حاضري سان گڏ کلندا، ٻئي طرف سنڌ جي يونيورسٽي بابت وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته سنڌ صوبي جون سموريون سرڪاري ۽ توڙي خانگي يونيورسٽيون 100 سيڪڙو حاضري سان گڏ پڻ کوليون وينديون، جڏهن ته تعليمي بورڊ پڻ 100 سيڪڙو حاضري سان کلندا، يونيورسٽين ۾ ويڪسينيشن يقيني بڻائڻ لاءِ صحت کاتو ڪائونٽر کوليندو.
