94

غوثپور پوليس قمبر واسي نوجوان کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو

غوثپور (ويب ڊيسڪ) غوثپور پوليس جديد ٽيڪنالاجي موبائيل فون ٽريسنگ ذريعي قمبر شهدادڪوٽ واسي نوجوان دلمراد ولد گل بھار گوپانگ کي روڪي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي. غوثپور ايس ايس ايڇ او خليل احمد رند ۽ اسپيشل ٽيم جي انچارج عثمان پنھور راجه لاڙو وٽ ناڪابندي ڪري فوري ڪارروائي بعد نوجوان کي روڪي ڪچي طرف اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان کي تيغاڻي گينگ جا اغوا ڪار دوکي سان عورتاڻي آواز تي گھرائي اغوا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو هو، جنهن  منصوبي کي غوثپور پوليس ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، پوليس پاران نوجوان جي وارثن کي اھڙو اطلاع ڏنو نوجوان جا وارث فوري غوثپور ٿاڻي پهچي ايس ايڇ او ۽ اسپيشل ٽيم جي انچارج عثمان پنھور کي نوٽن جا ھار پارائي پڻ نوجوان کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جا ٿورا مڃيا. وڌيڪ ايس ايڇ او جو چوڻ هو ته نوجوان کي واپس قمبر شهدادڪوٽ پنهنجي گهر ڏانهن موڪليو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو