115

ڪمزور کي انصاف ۽ طاقتور کي اين آر او گهرجي،ڌانڌلي ڪندڙ ووٽنگ مشين جي مخالفت ڪن پيا: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان رحمت العالمين اٿارٽي ۽ عالمي مشاورتي بورڊ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪمزور کي انصاف ۽ طاقتور کي اين آر او گهرجي،ڌانڌلي ڪندڙ ووٽنگ مشين جي مخالفت ڪري رهيا آهن، مديني جي رياست جي اصولن جي هلنداسين ته ملڪ ترقي ڪندو، انصاف سڀني انسانن لاءِ هوندو آهي جنهن قومن ۾ قانون جي بالادستي ناهي هوندي، اهي ڪڏهن به ترقي ناهي ڪري سگهندا، رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان رحمت العالمين صه جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته وڏو مسئلو قيادت جو بحران آهي، ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ليڊر شپ جي ڪري ٿيو، خالد بن وليد کان وڏو شايد ئي ڪو جنرل هجي، حضرت عمر ان کان به ڪمان ورتي هئي، وزيراعظم عمران خان چيو ته جڏهن ته ننڍو هئس ته امان سمهڻ کان اڳ ۾ دعا سيکاري هئي ته دعا ڪر ته الله تعاليٰ مون کي سڌي رستي تي هلائي، منهنجا ڀائر ۽ ڀينرون به اها دعا ڪندا هئا، مان جڏهن ايچي سن ڪاليج ويس ته اسان جا هيرو ۽ رول ماڊل ڪجهه ٻيا هئا، جيڪو اسان کي سڌو رستو ٻڌايو ويو اهي اسان جا رول ماڊل هئا ان ۾ زمين آسمان جو فرق هو، رول ماڊل، فلم ايڪٽرز، پاپ اسٽارز، اسپورٽس مين ۽ گلمرس ماڻهو هئا، انهن ماڻهن جون زندگيون اسان کي ٻڌايون ويون، جيڪي سڌي رستي کان صفا الڳ هئا، وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو تهڪيترن ئي سالن کان جڏهن پاڻ مشهور ٿيس ۽ منهنجي انهن ماڻهن سان ملاقات ٿي، انهن کي ويجهي کان ڏٺو ته پتو پيو ته سندن رستو تباهي وارو هيو، ڪيترائي ماڻهو تباهه ٿيندي ڏٺا، رحمت العالمين اٿارٽي سان گڏ عالمن تي ٻڌل هڪ عالمي مشاورتي بورڊ پڻ قائم ڪيو ويندو، جيڪو دنيا جي آڏو اسلام جو حقيقي رخ پيش ڪندو ۽ اسڪول ۾ پڙهايو ويندڙ نصاب جو جائزو وٺندي، وزيراعظم چيو ته برطانيا ۾ جيڪو ڪوڙ ڳالهائيندي پڪڙجندو آهي، ان کي استعيفيٰ ڏيڻي پوندي آهي، هتي جيڪو چونڊن ۾ هارائي هو اهو چوي ٿو ته ڌانڌلي ٿي آهي، اسان جي پهرين حڪومت آهي جيڪا چونڊ سڌارڻ بابت ڳالهائي رهي آهي، ڪرپشن ختم ڪرڻ جي لاءِ اليڪٽرانڪ مشين آندي، مشين جي اي مخالفت ڪري رهيا آهن جيڪي ڌاڌليون ڪندا رهيا آهن، سمورن وزيرن کي هدايت ڪيان ٿو ته ربيع الاول جو اهڙو ڏينهن ملهايو جيڪو ڪڏهن نه ملهايو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو