169

اوٻاوڙو ويجهو ڏوهارين جي وچ شهر ۾ فائرنگ، انڍڙ برادري جي 8 ماڻهن سميت 9 ڄڻا قتل

ميرپورماٿيلو (ويب ڊيسڪ) ڪجهه وقت اڳ انڍهڙ برادري سان تعلق رکندڙ 5 ماڻهن کي ڪشمور جي علائقي ۾ قتل ڪرڻ واري واقعي کانپوءِ سندس وارثن پاران پنهنجي برادري جي ماڻهن کي پوليس جي مخبري ڪري پنج ماڻهن کي ڪشمور ۾ قتل ڪرائڻ جو الزام لڳائي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي هئي، جيڪا ڪجهه وقت هلڻ کانپوءِ شدد اختيار ڪري وئي ۽ ڏوهاري رڪارڊ رکندڙ انڍڙ برادري جي ماڻهن پاران پلاند ڪرڻ جو چتاءُ ڏيڻ باوجود ڌرين ۾ ڪوبه راڄوڻي طرح سان ٺاهه نه ٿيڻ ڪري گذريل ڏينهن اوچتو انڍڙ برادري جي ڏوهارين پاران جديد اصلي سان ليس ٿي ماهي چوڪ وچ شهر ۾ قائم ٻن پيٽرول پمپ ۽ دڪانن تي حملو ڪري جديد هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ موقعي تي ئي 8 ماڻهو قتل ٿي ويا جنهن ۾ شريف ، غلام نبي ، ظهير ، محمد شريف ، نظير ، رزاق ، امير بخش انڍڙ ۽ الله داد ملڪ موقعي تي مارجي ويا جڏهن ته پنج زخمين مان فاروق انڍڙ به زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو ۽ فوتين جو تعداد وڌي 9 ۽ زخمين جو تعداد چار ٿي ويو اهڙي ڏوهارين جي حملي جو ڪوٽ سبزل پنجاب ٿاڻي جي پوليس کي بروقت اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس پنهنجي نااهلي ڏيکاريندي هڪ ڪلاڪ دير سان پهتي هوڏانهن اطلاع ملندي ايس ايس پي رحيم يار خان ۽ ڊي ايس پي صادق آباد پڻ وڏي پوليس نفري ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ ماهي چوڪ پهتا جتي فوتين ۽ زخمين کي کڻائي صادق آباد ۽ رحيم يار خان جي اسپتالن ۾ پهچائي زخمين جو فورن علاج شروع ڪيو ويو جڏهن ته زخمين مان وڌيڪ ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جڏهن ته فوتين جي لاشن جا پوسٽ مارٽم ڪري سندس وارثن حوالي ڪيا ويا لاش گهر پهچڻ تي قيامت صغرا جو منظر هو ۽ سوڳ ۾ ماهي چوڪ شهر مڪمل طور بند ٿي ويو ۽ علائقي ۾ سخت خوف وحراس ڇانيل هو. جڏهن ته ايس ايس پي رحيم يار خان جي هدايتن تي علائقي ۾ پوليس جون پڪٽون ۽ پوليس جو اضافي گشت شروع ڪيو ويو آهي ۽ ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ علائقي جي ناڪابندي ڪري پوليس پارٽيون ڏوهارين پٺيان روانيون ٿي ويون آهن. جڏهن ته خبر فائيل ٿيڻ تائين پوليس کي ڏوهاري گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪابه ڪاميابي نه ملي سگهي هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو