استنبول (ويب ڊيسڪ) ترڪي جي شهر استنبول جو رولو ڪتو روزانو 30 کان 35 ڪلوميٽر سفر بسن ۽ريلن ۾ ويهي طئي ڪري ٿو، بوجي نالي ڪتو شهر ۾ هلندڙ مختلف مسافر گاڏين ۾ سفر ڪري الڳ الڳ مقامن تي پهچي ٿو، حيرت انگيز طور هو ٽريفڪ قانون جو خيال به رکي ٿو ۽ انتهائي صبر سان بس توڙي ٽرين جو انتظار ڪندو آهي. جڏهن ته ڪتي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون ته ماڻهن مٿس دلچسپ تبصرا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن، ڪجهه صارفين جو چوڻ هو ته ڪتو لڳي ٿو روزگار جي ڳولا ۾ در در جا ڌڪا کائي ٿو.
149