ليکڪ: شوڪت علي جلباڻي
13 سيپٽمبر تي ڊان اخبار ۾ خبر ڇپي هئي ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان وزيراعظم عمران خان ۽ سندس ڪابينا طرفان هن سان صحت بابت عيادت نه ڪئي وئي آهي جنهن جو سندس ڏک آهي، ان وقت هو ڪورونا جي ڪري اسپتال ۾ داخل هو ۽ ڪالهه اها خبر بريڪ ٿي ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان محسن وطن جو روح پرواز ڪري ويو آهي، ملڪ جي مختلف چينلز تي اها خبر بريڪنگ نيوز طور نشر ٿيڻ کانپوءِ روايتي طور تي صدر توڙي وزيراعظم طرفان ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ ساڳي ريت سياسي توڙي عسڪري قوتن پڻ ڏک جو اظهار ڪيو آهي، بيشڪ زندگي ۽ موت سڀ الله تعاليٰ جي هٿ وس آهي هو جڏهن امر ڪندو اهو ٿي ويندو، ڀوپال هندستان ۾ پيدا ٿيندڙ هن عظيم شخص جا وڏڙا 1947ع ۾ هجرت ڪري پاڪستان آيا، سينٽ انٿوني اسڪول ڀوپال کانپوءِ هن ڪراچي جي ڊي جي سائنس مان فزڪس ۽ رياضي ۾ بي ايس سي ڪئي، ڪجهه وقت ڪراچي ۾ نوڪري ڪرڻ کانپوءِ هو نيدرلينڊ ويو، جتي هن کي تمام گهڻي شهرت ملي، هالينڊ جي ڊيفليٽ يونيورسٽي مان ماسٽرس آف سائنس ۽ بيلجيم جي ليون يونيورسٽي مان ميٽالاجيڪل ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي، اهو ئي سبب هو ته سندس نيوڪليئر پلانٽس ۾ صلاحيتن جي ڪري انتھائي حساس ٽي ملڪي تنظيم يورينڪو تائين رسائي مليل هئي، يورينڪو نيدرلينڊ، جرمني ۽ برطانيه جي يورنيم رجائڻ واري هڪ تنظيم آهي، پاڪستان جي ايٽمي پاور پلانٽ جو افتتاح 1972ع ۾ ٿي چڪو هو پر 1974ع ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير جي ملڪ واپسي کانپوءِ شهيد ذوالفقار ڀُٽو قائل ڪيو، پلاٽينيم جي وسيلي ائٽمي هٿيار ٺاهڻ بدران يورينيم وارو طريقو استعمال ڪرڻ گهرجي، نيوڪليئر پروگرام ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير خان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، 1990ع جي آخر ۾ هن ذهين شخص پاڪستان جي خلائي ايجنسي سپارڪو جي نئين سر تشڪيل ڏني ۽ اتي هن پاڪستان جي پهرئين پولر سيٽلائيٽ لانچ وهيڪل ۽ سيٽلائيٽ لانچ وهيڪل ۾ تمام گهڻو اهم ڪردار ادا ڪيو، ان کان سواءِ ملڪ ۾ مختلف انجنيئرنگ يونيورسٽيز جي قيام ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير خان پنهنجو ڪرادار نڀائيندو رهيو، هو هن غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ميٽلرجي ۽ انرجي جو شعبو قائم ڪيو، ائين ملڪ جي مختلف انجنيئرنگ يورنيورسٽيز ۽ ڪاليجن ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير خان ميٽلرجي ۽ انرجي جاڳرتا پيدا ڪئي، سندس نالي سان سندس ئي حيات ۾ ڪيترائي ننڍا وڏا ادارا قائم ٿيا، ڊاڪٽر عبدالقدير خان اسڪول سسٽم جا مختلف ڪيمپس ملڪ جي مڙني صوبن مان غريب ۽ مستحق ٻارڙن کي بنيادي ۽ اعليٰ تعليم ڏيارڻ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، پوري ملڪ جي ننڍڙن شهرن ۽ ڳوٺن مان ٻارڙن کي مفت اسڪالرشپ ڏئي انهن کي معياري تعليم ڏيڻ جو ذمو هن پنهنجي نالي ڪيو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ ٻيو آمريڪا ۽ مغربي طاقتن کي جيڪڏهن ڪير اک ۾ ڪنڊو هو ته اهو ڊاڪٽر عبدالقدير خان هو، ايٽمي ڌماڪن کانپوءِ جتي عالمي قوتن پابنديون هنيون. پاڪستان جي ايٽمي سائنسدانن تي پڻ آمريڪا جي گهري نظر هئي، القائده جي آمريڪي ٽاورن تي حملي کانپوءِ آمريڪا طرفان ڊاڪٽر عبدالقدير خان تي الزام هنيو ويو ته هو نارٿ ڪوريا کي نيوڪليئر ٽيڪنالاجي وڪڻي رهيو آهي ۽ اهو پڻ الزام هنيو ته افغانستان جي حمايت جي ڪري پاڪستان جا نيوڪليئر هٿيار يا پروگرام محفوظ نه آهن، ان وقت ملڪ ۾ پرويز مشرف جي حڪمراني هئي، سخت الزامن جي زد ۾ آڻي ملڪ جي هن عظيم ڪردار کي پنهنجي ئي وطن ۾ مختلف الزامن کي منهن ڏيڻو پيو، ٽن سالن جي قيد بند کانپوءِ 2004ع ۾ آمر پرويز مشرف ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي عام معافي ڏئي نظر بند ڪري رکيو ويو، اهي ڏينهن هن لاءِ اذيتناڪ هئا، 22 آگسٽ 2006ع تي قوم کي ٻڌايو ويو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي ڪينسر آهي، ان باوجود به هن جي نظربندي ختم نه ٿي ۽ آصف علي زرداري پنهنجي اقتدار جي ٻئي سال ۾ اچي ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي آزاد ڪيو، دنيا جي سامراجي قوتن ڊاڪٽر عبدالقدير خان خلاف ڀرپور لابنگ ڪئي ۽ عالمي سطح تي سندس ڪردار کي هر ممڪن مبينا بڻائڻ جي سندس آخري وقت تائين جاري رهيون، ظاهر آهي ملڪي سلامتي کي تسڪير بخشڻ واري شخصيت جنهن جي ڀرپور ڪاوشن سان پاڪستان ستين ايٽمي طاقت بڻجي اڀريو ان کي ڪيئن برداشت ڪري سگهبو هو. نظربندي جي آزاد ٿيڻ کانپوءِ به سندس سڀني حرڪتن تي گهري نظر رکي ويندي هئي، ملڪي ادارن موجب ته اهو فقط هن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ آهي پر ڊسمبر 2019ع ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير خان هڪ پٽيشن داخل ڪئي ته انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪري سندس چرپر تي پابندي آهي، ان لاءِ هن کي پوري ملڪ ۾ سفر ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي پاڪستان جو سڀ کان وڏو سول ايوارڊ نشان امتياز 1996ع ۾ ۽ 1989ع ۾ نشان اميتاز جي ايوارڊن سان گڏ مختلف ايوارڊ مڃتا طور ڏنا ويا، محسن پاڪستان جو لقب پڻ هن کي پاڪستاني قوم ڏنو، ڊاڪٽر عبدالقدير خان ڦڦڙن جي تڪليف جي ڪري 85 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو پر سندس ملڪ جي بقاءَ لاءِ ڪيل ڊاڪٽر عبدالقدير خان جون ڪيل خدمتون ڪڏهن به وساري نه ٿيون سگهجن.