ليکڪ: رياض ابڙو
گذريل 20 سالن ۾ آمريڪا افغانستان ۾ ڪجهھ به نه ڪري سگهيو، سواءِ ان جي ته سي آءِ اي رڳو طالبان کي هٿيار هلائڻ سيکاريا، جنگجن جون تياريون ڪرڻ سيکاريون، روس افغانستان جو دوست آهي يا دشمن، بالٽڪ رياستون روس جي ڊس انٽيگريشن جي ڪري آمريڪا کي وڏيون پياريون هيون پر هاڻي انهن کي اک کڻي نه ٿو ڏسي، يا ڀارت ۽ بنگلاديش يا ٻين عرب ملڪن ۾ يا انهن جي پاڙييسري ملڪن ۾ جي اهي طالبان پنهنجون بي ٽيمون ايڪٽو ڪندا ته ڪيئن ڪندا، اهي ڇا ڪنديون، ڪهڙا ڪم سرانجام ڏينديون؟ آمريڪي ايجنسين کي ان جي پٺيان ڪهڙي ڪامينٽري ڪرڻي آهي يا ڪهڙا پاپڙ ويلڻا ۽ ٿڦڻا پوندا، باقي ڪو به اهڙو ڪم، اهڙو استحڪام، اهڙي مهم سازي، اهڙي ڪا ڪوشش جنهن ۾ اهي افغاني ڪا مثبت سوچ ۽ تبدلي آڻي سگهيا هجن يا ڪري سگهن ها ته پوءِ 20 سال انهن آمريڪين افغانستان ۾ ڇا ڪيو؟ ڪهڙي اصطلاح، ڪهڙي استحڪام جي ڳالهھ، ڪهڙي ترقي، ڪهڙيون صنعتون، ڪهڙي معيشت يا ڪين ڇا؟ جي نه ته پوءِ سڌارو ڪهڙو، ڪهڙي ڳالهھ جنهن مان هاڻي اميد رکجي ته هي طالبان سڌا ٿي ويندا، 20 سالن ۾ جيڪا ڳالهھ نه نبري هاڻي ڇا ڪري سگهندا، پوءِ ڀلي آمريڪا سڄي دنيا گڏ ڪري، سڄي دنيا مان همدرديون ميڙي مٺ ۾ ڪري، پر ان ڳالهھ جي ڪهڙي گارنٽي ۽ تصديق ڪري سگهندا ته اهي طالبان هاڻي ڪنهن به قسم جو خطرو ناهن، جي اهي عورتن جي سخت پردي جي ڳالهھ ڪندا، عورتن جي آزادي جي انحرافي ڪندا، عورتن جا حق غضب ڪندا، اهي اهڙن پراڻن قانونن جي پوئيواري ۽ پاسداري ڪندا ته پوءِ دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪيئن هلندا؟ اهي سڀ ڪم هاڻي مرد ڪن؟ سوال ته پنهنجي جاءِ تي ڳنڀير آهي، جي نه ته پوءِ عورتن تي پابندي جي ڳالهھ گھٽ ۾ گھٽ هن دور جي تقاضا ناهي، پوءِ طالبان کي اها ڳالهھ ڀلي ڀتِ سمجهڻ گهرجي ته اهو دور گذري ويو جو عورتون گهر ويٺيون هونديون هيون، هاڻي ائين ناهي، هاڻي جي صورتحال ۾ اها شيءِ انصاف جي تقاضائن ۾ نه ٿي اچي، پوءِ هنن جي ڪهڙي شيءِ سمجھجي يا سمجهائجي، اهو ته رڳو هڪڙو مثال آهي يا هڪڙي فناما يا فلاسافي آهي جيڪا طالبان سمجهن ته ماڻهن کي پهرين انهن جا بنيادي حق مهيا ڪيو، انهن جي تعليم، ترقي، کاڌي پيتي جون شيون وڏي مقدار ۾ آڻيو، ماڻهن جي لاءِ صاف پاڻي، صحت جون سهولتون، اناج جي کوٽ جو مسئلو، ناڻي جو قدر بحال ڪيو، ماڻهن ۾ ترقي، تهذيب، تمدن ۽ انسانيت جا گڻ اجاڳر ڪيو، رڳو اهو به ناهي، ڀلا جي ماڻهو توهان جي پراڻن قانون تي هلن ته پوءِ توهان به گاڏيون، بسون، لاريون، ٽرينون، ڪارون، موٽرسائيڪلون ۽ جهاز ڇڏي گهوڙن، گڏهن، اٺن ۽ خچرن جون سواريون ڪيو، پاڻ به جدت وارا هٿيار نه کڻو ۽ ٻيون جديد جنگي سهولتون نه آزمايو، پاڻ به ڀالا، تير، تلوارون، نيزا، نشتر کڻو، پنڌ ڪاهه ڪيو، گهوڙا، هاٿي، اٺ ۽ لشڪر وٺي ڪاهي پئو، اها ڳالهھ به عالم آشڪار آهي ته افغان قوم ۽ افغان طالبان ٻه الڳ الڳ حيثيتون ۽ هيئتون آهن، جن کان انڪار ناهي، جيترو افغان عوام جنگ کان باغي ۽ بيزار آهي اوترو ئي اهي طالبان وري سڄي عمر ڊالرن جي ڳولا ۾ پنهنجي قوم سان ويساھه گهاتيون ڪندا ٿا اچن، ڇو ته ”ڊيڪسٽر فلنڪن“ جي افغان افيئر تي رپورٽ مطابق اها ڳالهھ به مڃڻ جهڙي آهي ته جيڪڏهن آمريڪا نيڪ نيتي ڏيکاري ها ۽ اهي هزارين ڊالر انهن جي نسلن جي سڌاري لاءِ استعمال ڪري ها ته انهن جا نسل گھٽ ۾ گھٽ اهڙي مطالبي ۽ گهرج ۾ نه هجن ها جهڙي طرح اهي هاڻي آهن، جيڪڏهن انهن جي نسلن کي جديد تعليم، معاشي اصول، صنعتن جا ڄار، ترقي، دنياداري سيکاري وڃي ها ته اهي 20 سال گذرڻ کانپوءِ هڪ زبردست قوم ٿي اڀرن ها، ائين به ناهي ته جيڪي 24 هزار افغاني جرمني مان جرمن نيشنلٽي وٺي ويا آهن اهي اتي طالبانائيزيشن ٿورئي ڪندا هوندا، يا جيڪي به افغانستان ڇڏڻ جي ارادي سان بارڊر وٺي ويٺا آهن يا 124000 هزار جيڪي به لاپتا آهن جن ۾ گھڻي ڀاڱي عورتون آهن اهي ساڳي طرز کڻي دنيا ۾ دربدري جي زندگي ٿورئي ٿا گذارين، پر اها ڳالهھ ضرور آهي ته افغاني طالبان پاڻ ئي نه ٿا چاهين ته هنن لاءِ ڪو سڌارو آڻجي، هنن جي لاءِ ڪا ترقيءَ جي ڳالهھ به ڪجي، يا هنن جي ذهنن ۾ رڳو ويڙھه، جنگيون، جبل، جهرجهنگ، جيل، ابوغريب، گوانٽانامو جيل ۽ اهڙيون لاڳاپيل حرفتون آهن جو ماڻهو هنن جي لاءِ ڇا ڪن، مثال 76 هين ”يو اين او“ جي اجلاس ۾ هي پاڻ طالبان جي ڪا قرارداد پيش ڪن، دنيا جي آڏو آزي مڃن، دنيا کي ڪري ڏيکارن، دنيا سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي هلن ها ته اها ٻي ڳالهھ هئي، جي نه ته پوءِ اسان ڇا ڪيون ۽ ڇو ڪيون ۽ ڪيستائين ڪيون؟ ڏٺو وڃي ته افغاني 1947ع واري يو اين او جي قرارداد ۾ پاڪستان جي مخالفت ڪري ويٺا هئا ۽ پاڪستان کي نه تسليم نه ڪيو هو پر اسان انهن کي من و عن سان تسليم ٿا ڪيون، اسان جي دل ۾ وڏو درد آهي ته جتي به ويهون ٿا اتي افغانين جو درد کڻي ٿا ويهون ۽ انهن جا سور سنڀالي ٿا هلون ۽ پاڻ جڏهن آمريڪن اسٽيٽ سيڪريٽريءَ سان نويڪلي ملاقات ٿا ڪن اها صحيح آهي ۽ ڪري سگهن ٿا، جڏهن اهي پاڻ ڪجهھ ڪرڻ ئي نه ٿا چاهين، اهي به اسان جي لاءِ ائين آهن جيئن رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا، پوءِ رڍ ڪير آهي ۽ ان رباب جو مقصد ۽ فهم ڇاهي؟ ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغانين کي جيڪڏهن دنيا ۾ پاڻ تسليم ڪرائڻو آهي ته انهن کي انهن تي اصولن تي عمل ڪرڻو پوندو، جيڪي دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائڻ لاءِ گهربل آهن، جي نه ته اهي ڪڏهن به پنهنجو پاڻ کي مڃرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندا ۽ جيئن هن وقت انهن وٽ معاشي بحران ڪر کنيو بيٺو آهي، اهي ڪڏهن به سڌريل قوم نه بڻجي سگهندا ۽ پنهنجو قدر ڏينهون ڏينهن وڃائيندا رهندا، ان ڪري وقت جي نزاڪت کي سمجهڻ جو وقت اچي ويو آهي ته هاڻ دنيا سان گڏ هلائڻ لاءِ اهي اصول اختيار ڪرڻا پوندا جن جي دنيا اوهان کان گهر ڪري رهي آهي.