ليکڪ: علي حسن ”احسن“ چڍڙ
جڏهن اسلام آباد ۾ ڪنٽينر لڳا ته سوين اميدون کڻي پهتل ماڻهن وڏا اندر ۾ خواب سجايا ها ته (ن) ليگ ملڪ سان وڏو ظلم ڪيو آهي، جنهن جي ڪري ملڪ ۾ هڪ ٻه سيڪڙو مهانگائي ٿي آهي، ڇو جو ان مهانگائي سان اهو پنهنجو پيٽ ڀرڻ چاهين ٿا ۽ ڪنٽينر تي بيٺل هن وقت جي اڳواڻ جنهن جي هٿن ۾ ڪالھه ڪنٽينر جون واڳون هيون ۽ اڄ پاڪستان جون واڳون آهن، اهو چوندي نه ٿڪندو هو ته جيڪڏهن تيل مهانگو ٿئي ته سمجهي وڃو حڪومت چور آهي، هن سان گڏ اسان به اهو سمجهو يار ڳالهھ ته برابر صحيح پيو ڪري، اهڙن چورن ته اسان کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪنٽينر وارو ته صفا هيرو ٿو لڳي ۽ اسان ان ۾ اهڙي ته اميد رکي جو ملڪ جون واڳون کڻي هن جي هٿن ۾ ڏنيون، بابا سائين هاڻ چورن کي رسو وجهھ ۽ اسان وٽ جيڪي مسئلا آهن هن کي جلد حل ڪري آساني پيدا ڪر ۽ جيڪي تو منصوبا جوڙيا آهن ان تحت اسان کي پنهنجا گهر ٺهرائي ڏي، مونکي ياد آهي بني گالا جو ڪجهھ بل وڌيڪ آيو هو ۽ بجلي مهانگي ٿي هئي ان تي هن چيو هو ته جنهن وٽ بل وڌيڪ اچي اهو بل ساڙي ڇڏي ۽ بل نه ڀري، عوام ايڏي مهانگي بجلي ڪيئن ٻاريندو؟ ان تي اسان به وڏا خوش ٿياسين ته جوان ڳالهھ دل جي ٿو ڪري، هن ڪنٽينر تان اهڙا خواب ڏيکاري اسان جا حوصلا بلند ڪيا ته هاڻ واپڊا وارن کي هنن جي مرضي ڪرڻ ڪونه ڏبي، تيل 70، 80 رپيا هو اهو 50 تائين پهچي ويندو، سستائي ٿيندي ته غريب ماڻهو جو ڀلو ٿي پوندو، جيڪو پاڪستان ۾ وچيون طبقو ڀوڳي ٿو ڪجهھ هن مهانگائي مان جان آجي ٿيندي، سوين خواب سانڍي نئين پاڪستان ۾ پير پاتو سين، نئين پاڪستان ۾ اهو ٿيو جو چورن کي پڪڙي اڊيالا جيل پهچايو ويو ۽ وري اين آر او نه ڏيڻ وارا انهن بيماري جو جواز ڄاڻائي اين آر او به ڏنو، جيڪو عوام جي اکين ۾ مٽي نه پر مرچون وڌيون ويون، پنهنجا هٿ به صاف اين آر او به ملي ويو، هاڻي بني گالا کان هيليڪاپٽر جو سفر شروع ٿيو جيڪو شاهاڻي زندگي جي خلاف هو، وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي ٺاهڻ جا خواب ڏيکاري رهيو هو ۽ ڊي سي جي بنگلن جون ديوارون ڊاهي اتي ڪي ٻيا ادارا مارڪيٽون ٺاهي عوام کي رليف ڏيڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو هو، جنهن اهو پئي چيو ته ڦلاڻو هيليڪاپٽر جو غلط استعمال ڪيو آهي ۽ وزير اعظم هائوس جون ورتل گاڏيون نيلام ڪري هن مان قرض ڀرڻ جون ڳالهون پيو ڪري، هاڻي هو پاڻ بادشاهي واري زندگي گذارڻ پيو چاهي، جڏهن ميڊيا تي تنقيد ٿي ته هن چيو ته گاڏين کان سستو ٿو پئي پوءِ ميڊيا تي وڏيون ڳالهون هليون ۽ ماڻهو هاڻي نئين پاڪستان ۾ پريشان ٿيڻ لڳا وري به هنن پنهنجي اميدن کي برقرار رکيو پر هاڻي جڏهن ڪنٽينر واريون ڳالهيون ابتيون نڪتيون ۽ جنهن حسين خواب ڏيکاريا ها هاڻي وري ان جي ابتڙ ٿيڻ شروع ٿي رهيو هو، هلندي هلندي ڊالر پنهنجي ايتري اڏام ڏيکاري ته ڪجهھ ئي عرصي ۾ هو آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ تيل جي پوزيشن اھڙي آهي جنهن کي هو چور چوندو انهن جي حڪومت ۾ ايترو مهانگو ڪونه ٿيو، هن وقت عوام وڏي ڪشمڪش آهي، هاڻي مهانگائي جي شرح ٽيڻ کان مٿي ٿي چڪي آهي، هن جيڪا کنڊ ۽ اٽي تي عوام کي سبسڊي ڏني وئي، اها سبسڊي تحريڪ انصاف جا سپورٽر ۽ منسٽر کائي ويا. هاڻي هنن چورن کي ڪير پڪڙي هن دور ۾ کاڌي پيتي جون شيون ايتريون مهانگيون ٿي چڪيون آهن جو ڪنهن به دور ۾ ايترون مهانگيون ڪونه ٿيون، هڪ رپيو بجلي وڌڻ تي هن بل پئي ساڙيا هاڻي ڪا خبر ناهي ته ڪهڙي ٽائم ڪهڙي شيءِ جا اگهھ وڌن ٿا، هر روز نئون اگهھ آهي، جيترو ادارن کي هن دور ۾ نقصان رسيو آهي، ڪنهن دور ۾ ڪونه رسيو هو، هاڻي پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ هر روز نئون ڪوڙ ايتري قدر جو هن سڄي مهانگائي جو قصور ڪورونا تي مڙهيو پيو وڃي ۽ قرضن جي ڳالهھ ڪجي ته هن حڪومت آءِ ايم ايف کان جيڪي قرض ورتا آهن، شايد ٻين ورتا هجن، هي دور ڀيانڪ دور ثابت ٿيو آهي، جتي روزگار ڏيڻ جون ڳالهيون ڪيون پئي ويون. اتي اڃا وڌيڪ بيروزگار ڪيو ويو آهي. سوين ماڻهن کي برطرف ڪيو ويو آهي، ايتري تائين مهانگائي وڌي آهي جو ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، هاڻي نئين پاڪستان کان ماڻهو پراڻي پاڪستان ۾ وڃڻ چاهين ٿا، هاڻي ماڻهو ننڊ مان جاڳيا ته خواب ڀيانڪ نڪتو ۽ ڇرڪ نڪري ويا ته جيترا حسين خواب ڏيکاري نئين پاڪستان ۾ آندو ويو، انهن ته اسان جا لاهه ڪڍي ڇڏيا، اسان کي اهي کپن جن جي دور ۾ اٽو 20 25 رپيا هو، گيهھ سئو، کنڊ چاليهه پنجيتاليهھ ۾ ملندي هئي، اهو اٽو سئو رپيا گيھه ساڍا ٽي سئو، کنڊ سئو کان مٿي ۽ سبزيون ٻيون سامان ڪنهن مسڪين جي خريد ڪرڻ جهڙو ناهي، جيڪو پاڻ کي ساڌ سمجهي ٿو اهڙي ساڌ جي ڪابه ضرورت ناهي، نئون پاڪستان پاڻ وٽ رکي هاڻي بس اسان کي پراڻو پاڪستان موٽائي ڏيو.