ليکڪ: ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ
رڳو ڄامشورو ضلعي ۾ انڌير نگري ڇو آهي، سڄي سنڌ وائڙائپ جو شڪار ٿيندي پئي وڃي. ڪڏهن ڪراچي جي روڊن تي احتجاج ڪندڙن مٿان لٺيون ۽ سونٽا وسايا پيا وڃن ته ڪڏهن وري هڪ خون جو پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ ڪري ٻن کان ٽن ڏينهن تائين ماڻهو لاش سميت روڊن تي بي يارو مددگار ٿي آهون ۽ دانهون ڪري پنهنجو حق گهري رهيا آهن، ساڳئي وقت سڄي سنڌ ۾ هڪ وڏو الميو جيڪو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي، جتي ڄامشورو واسي نه رڳو پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ تڙپي رهيا آهن، ان سان گڏوگڏ هن سال جڏهن خريف جو فصل پوکجي رهيو هو ته ارسا پاڻي جي هٿرادو کوٽ سبب سنڌ ۾ مندائتو فصل نه پوکجي سگهيو آهي، تنهن نقصان جو ته مثال ئي نه ٿو ملي سگهي. فصلن جي مندائتي پاڻي کان سواءِ شهري جيڪو پيئڻ جو پاڻي واپرائين ٿا، تن بابت ته ڄامشورو واسي چئن مهينن کان احتجاجي آهن پر جيڪب آباد ضلعي جي ٺل تعلقي جا شهري آبادي سان تعلق رکندڙ ماڻهو چئن ورهين کان روزانو جي بنياد تي احتجاج ڪري رهيا آهن، پاڻي انسان جو جياپو آهي ۽ پاڻي مهيا ڪري ڏيڻ سندن جو قانوني حق آهي، مجموعي طور ڏسجي ته نه رڳو حيدرآباد ڊويزن اندر ڄامشورو، ڪوٽڙي توڙي جو پسگردائي جي ٻين ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ پاڻي جو مسئلو آهي پر ڪراچي شهر اندر به هن سال پاڻي جو هڪ وڏو بحران رهيو آهي، وقت جي حاڪمن توڙي وس واري انتظاميا کي ته شهري آبادي تائين پاڻي پهچائڻو هجي ٿو، باقي ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ رهندڙن لاءِ پوري ملڪ ۾ ته هونئن ئي ٻٽو قانون آهي. اُهي ٻهراڙي جا ڳوٺاڻا هن واٽر سپلاءِ پاڻي پيئڻ جو حق ڪونه ٿا رکن، جر جو کارو پاڻي پيئڻ انهن جو مقدر آهي. باقي صاف پاڻي شهرين کي مهيا ڪري ڏيڻ وسوارن جي ذميواري آهي، سنڌ جي گهوٽڪي، جيڪب آباد کان ٿر ۽ ڪاڇي کان ڪوهستان تائين شايد ٻهراڙي جو ڪو اهڙو ڳوٺ يا وسندي ملڻ ڏاڍي مشڪل آهي، جتي ميونسپل يا قانون انتظاميا پاران ڪٿي ڪنهن ڳوٺ ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي ڏنو هجي، پاڻ جنهن معاشري ۾ رهون ٿا. ان معاشري ۾ مجموعي طور ڪهڙا حق هجن ٿا ۽ ڇا ملي رهيو آهي، اها حقيقت سڀ اسٽيڪ هولڊر سمجهي سگهن ٿا، اڄ سنڌ واسي جيڪڏهن نوڪريون ميرٽ تي گهرن ٿا ته ڪراچي ۽ سکر جي روڊن تي انهن کي گهليو پيو وڃي، ايستائين جو سنڌ پوليس ڪنهن عورت احتجاج ڪندڙ سان به سڀ اخلاق جا ليڪا لتاڙي ڪنڌ ئي جُهڪرائي ٿي ڇڏي، ڪيترائي ڀيرا انهن عورتن کي وارن مان جهلي زبردستي پوليس موبائلن ۾ ويهاريو ويندو آهي ۽ اکين سان پڻ ڏٺو آهي. اهڙي طرح پوليس کان سنڌ جي ڪچي ۾ رهندڙ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڌاڙيل ۽ ڏوهاري ته پڪڙڻ وَس کان ٻاهر آهن، انهن کان اُهي ماڻهو جيڪي 12 خونن ۾ ملوث جوابدار هجڻ بعد سوشل ميڊيا تي ويهي طرح طرح جا چئلينج ٻڌڻ کانپوءِ به بي وس ٿيل آهي. جن شڪارپور جي ڪچي ۾ سرعام بڪتربند گاڏيون کسي نچي ڏيکاريو. اڄ ٻهراڙي ته ڇا پر سنڌ جي ٻين شهرن جيان حيدرآباد جيڪو سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي، جتي امن جو پکي اڏامي چُڪو آهي، رات ڏينهن ڏوهارين ڦورن ۽ چورن هڪ ڪري ڇڏي آهي، جيڪي ڏوهاري به اسان جي بهادر پوليس انتظاميا جي وس کان ٻاهر آهي، هي سڀ الميا ته سنڌ پوليس جي نظر ۾ ڪونه ٿا اچن، باقي جيڪڏهن ڪنهن نوجوان بابت ڪا ڪوڙي انفارميشن ملي ٿي ته ان کي هاف فراءِ يا فل فراءِ ڪيو ٿو وڃي. خبر شايع ٿي آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ جتي سڄي سنڌ ۾ ماڻهو صاف پاڻي لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن اُتي ساڳي ريت ڄامشورو ضلعي جي ڪوٽڙي جي سائيٽ ايريا ۾ مسلسل پيئڻ جو صاف پاڻي نه ملڻ ڪري 10 کان مٿي ڪالونين جي رهواسين مجبوري وچان روڊن تي نڪري احتجاج ڪيو، ان احتجاج ۾ جيتوڻيڪ مختلف قومپرست پارٽين جا ڪارڪن ۽ مختلف مڪتب فڪر جا ماڻهو شامل ٿيا، ٻيو ته ڪجهه به ڪونه گهري رهيا هُئا رڳو پيئڻ جو صاف پاڻي نه هجڻ کانپوءِ اُهي شهري التجائون ڪري ڊي سي ڄامشورو وٽ احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا هئا ته ڄامشورو جي ڊي سي پهرئين ڏينهن انهن احتجاجين کي ڊي ايس پي ڪوٽڙي، ڄامشورو احتجاجين جي داد رسي ڪرائي سندن ڊي سي سان ملاقات ڪرائڻ جو بهانو ڪري ٻئي ڏينهن پاڻي گهرڻ جي ڏوهه ۾ 111 ڪوٽڙي واسين مٿان روڊ بلاڪ ڪرڻ جو ڏوهه ڄاڻائي ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي، ڄامشورو ضلعي پوليس ماضي کان وٺي هونئن به ڏاڍي کي ڏهه مٿان وارين روايتن کي برقرار رکيو آهي، آئون جيڪڏهن ماضي ۾ ويندس ته کوڙ سارا ڀانڊا ڦاٽي پوندا. آئون هميشه هڪڙي ڳالهه شيئر ڪندو آهيان ته اسان جي سسٽم ۾ رڳو پوليس ۽ روينيو کاتو حقيقي معنيٰ ۾ پنهنجا فرض نڀائين ته هي سنڌ سون بڻجي وڃي، مون عرض پئي ڪيو ته سنڌ جا ماڻهو مسلسل مختلف کاتن ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيڻ کانپوءِ پڪي ٿيڻ لاءِ ورهين کان ڌڪا کائيندي نظر اچي رهيا آهن. سنڌ حڪومت کي سڄي سنڌ سميت ڄامشورو ۾ پيش آيل واقعي کانپوءِ پوليس جي ڪيل ناجائزي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ بيگناهه ماڻهن مٿان داخل ڪيسن جي شفاف جاچ به ڪرائڻ گهرجي ته جيئن اها خبر پوي ته آخر هي سنڌ جا ماڻهو ڪيستائين پنهنجن جائز مطالبن گهرڻ کانپوءِ ناحق ڪوڙن ڪيسن کي منهن ڏيندا رهندا ۽ پوليس پاران ٿيندڙ اهي زيادتيون ڪڏهن ته پڄاڻي ڪنديون؟