114

تاريخ ساز شخصيت ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي موڪلاڻي

ايڊيٽوريل

تاريخ ساز شخصيت ۽ ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻائيندڙ ڊاڪٽر عبدالقدير خان هي جهان ڇڏي خالق حقيقي سان وڃي مليو، دنيا فاني آهي ۽ سڀني کي هي جهان ڇڏي ڏورانهين ڏيهه اهڙي سفر تي اسڻو آهي جتان ڪير به موٽي ناهي آيو، پر ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو وڇوڙو تمام وڏو نقصان آهي، ڊاڪٽر قدير جي وڇوڙي سان تاريخ جو هڪ باب بند ٿي ويو آهي، هن جون پاڪستان لاءِ لازوال خدمتون آهن، تاريخ جي ڏکئي دور ۾ هن پاڪستان کي ائٽمي قوت بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري دنيا کي اهو باور ڪرايو ته پاڪستان مٿان اڳرائي ڪرڻ هاڻ آسان ناهي رهيو، 1998ع  ۾ ائٽمي ڌماڪا ڪري دنيا خاص طور تي ڀارت کي ڀرپور جواب ڏنو ويو، پاڪستان جي ائٽمي قوت ٿيڻ سان خطي ۾ طاقت جو توازن برابر ٿيو ۽ ڀارت جي مقابلي ۾ پاڪستان جي ائٽمي قوت بڻجي دنيا جي نقشي تي اڀريو، ڊاڪٽر اي ڪيو خان جي رهنمائي پاڪستان ڪيترن ئي ميزائلن جو ڪامياب تجربو ڪيو، ڊاڪٽر عبدالقدير خان مختلف وقتن تي وڏي وات اهو واضح ڪيو ته ملڪ کي ائٽمي قوت بڻائڻ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو وڏو اهم ڪردار هو، بعد ۾ حڪمرانن ان سلسلي کي اڳتي وڌايو، ڊاڪٽر عبدالقدير خان آخري وقت تائين پاڪستان ۽ پنهنجي قوم سان جڙيل رهيو، هن ائٽمي پروگرام کي اڳتي وڌائڻ ۽ ملڪ کي نوان سياستدان ڏيڻ ۾ پڻ وڌي چڙهي ڪم ڪيو، هن ڏيڍ سئو کان وڌيڪ سائنسي مضمون لکيا،  جيڪي سائنس سان لاڳاپيل شاگردن لاءِ مشعل راهه جو ڪم ڏيندا، ڊاڪٽر اي ڪيو خان قابليت جي بنياد تي دنيا ۾ مقبوليت ماڻي، پاڪستان جو عوام ساڻس تمام گهڻي محبت ڪندو هو ۽ کيس پنهنجو قومي هيرو مڃيندي مٿس فخر محسوس ڪندو هو، اهو ئي سبب هو جو ڊاڪٽر اي ڪيو خان جي لاڏاڻي جي خبر ملڪ جي عوام مٿان وڄ بڻجي ڪري ۽ سڄو ملڪ سوڳ ۾ وٺجي ويو، هر طرف کان ڏک جا اظهار سامهون ايندا رهيا، ڊاڪٽر اي ڪيو خان جي لاڏاڻي تي هڪ تڏو عوام جي دلين ۾ پڻ وڇائجي ويو، مختلف شهرن ۾ غائبانا جنازي نمازون ادا ڪيون ويون،  اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي جنازي نماز ۽ تدفين وقت قدرت واري رحمت جي برسات وسائي، ڊاڪٽر اي ڪيو خان عظيم انسان ۽ اعليٰ پائي جو سائنسدان هو، کيس جيڪا مڃتا ملڻ گهرجي ها ان ۾ وقت جي حڪمرانن عدم توجهي کان ڪم ورتو، حڪمرانن طرفان مناسب موٽ نه ملڻ ڊاڪٽر اي ڪيو خان جي مايوسي جو سبب پڻ بڻي، ڊاڪٽر اي ڪيو خان طرفان سنڌي جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ڪجهه ڏينهن پهرين لکيل آخري خط ۾ مايوسي جو کليو اظهار آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر اي ڪيو خان وڏي وزير مراد  علي شاهه تي فخر جو اظهار ڪندي لکي ٿو ته ”مون کي خوشي آهي ته منهنجي صوبي جي وزيراعليٰ منهنجي سار لڌي آهي“ ڊاڪٽر اي ڪيو خان ساڳئي خط ۾ مايوسي جي پيڙاءُ وچان لکي ٿو ته ”وزيراعظم ۽ ٻين صوبن جا وڏا وزير شايد منهنجي مرڻ جي خبر ٻڌڻ جي انتظار ۾ آهن“. ڊاڪٽر اي ڪيو خان قوم جو عظيم هيرو ۽ فرزند هو، کيس زندگي توڙي وڇوڙي کانپوءِ تاريخي ڀيٽا ملڻ گهرجي، ان ۾ وقت جي حڪمرانن کي پهل ڪرڻي پوندي ۽ عوام کي اڳتي اچڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته قومي هيروز روز روز جنم نه وٺندا آهن. اها قوم ڪڏهن به اڳتي ناهي وڌي سگهندي جيڪا پنهنجي هيروز جو قدر نه ڪندي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو