120

ذهني صحت جي مسئلن کي سڃاڻڻ ۽ ان بابت حساس هجڻ گهڻو ضروري آهي: ڊاڪٽر فيصل سلطان

 اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي قومي صحت بابت خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته ذهني صحت جي مسئلي کي سڃاڻڻ ۽ ان بابت حساس هجڻ گهڻو ضروري آهي . هي اهو مسئلو آهي جيڪو ڪورونا وائرس جي وبا دوران وڌي ويو آهي . گذريل ڏينهن تي پنهنجي ٽويٽ ۾ هن چيو ته هن سال جي شروع ۾ اسان دماغي صحت تي قومي ٽاسڪ فورس جوڙي ته جيئن ان حوالي سان ضابط ڪار کي مضبوط ۽ سار سنڀال تائين رسائي کي وڌائڻ تي ڪم ڪري سگهجي .

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو