ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ) اي اين ايف بلوچستان حب ۾ ڪاروائي ڪري وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪري ورتي آهي جڏهن ته ٻن عورتن سميت 4 جوابدارن کي موقعي تي گرفتار ڪيو آهي،اي اين ايف جي ترجمان موجب اي اين ايف بلوچستان ۽ اي اين ايف انٽيليجنس جي گڊاني ويجهو گڏيل ڪاروائي دوران وڏي مقدار ۾ منشات هٿ ڪئي وئي آهي،جيڪا ڳجهين جاين تي لڪائي وئي هئي، جڏهن ته ڪاروائي دوران ٻن عورتن سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي،جوابدارن خلاف منشيات جي روڪ ٿام واري ايڪٽ هيٺ ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
112