واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست لوايانا جي شهر بيٽن روج ۾ هٿيار بندن جي فائرنگ سبب هڪ پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن . رپورٽ مطابق اهو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن هڪ شخص اوچتو فائرنگ شروع ڪري هڪ پوليس اهلڪار سميت ٻه ڄڻا ٿڏي تي اجل جو شڪار ۽ ٽن ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو پوليس موجب ماري ويلن ۾ 19 سالن جو پوليس اهلڪار ماسٽر ٽروپايڊم گابرٽ جڏهن ته 37 سالن جو پاميلا ڊير شامل آهي پوليس 31 سالن جي شخص ميٿهيو مائر کي گرفتار ڪيو ويو آهي ان کان واقعي بابت جاچ جاري آهي .
116