114

طالبان کي وقت ڏيڻ گهرجي، آمريڪا کين امداد نه ڏيندو ته افغانستان داعش جي پناهه گاهه ٿي ويندو: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته  طالبان کي وقت ڏيڻ گهرجي، آمريڪا کين امداد نه ڏيندو ته افغانستان داعش جي پناهه گاهه ٿي ويندو. هڪ پرڏيهي رسالي کي انٽرويو ڏيندي عمران خان وڌيڪ چيو ته افغانستان جي معاملي تي آمريڪا کي اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو،  طالبان واضح ڪيو آهي ته هو تعليم، عورتن جي حقن ۽ ٻين مسئلن کي حل ڪندا. طالبان عورتن جي تعليم کان انڪار نه ڪيو آهي. هنن شرعي طريقي جون ڳالهيون ڪيون آهن. هن چيو ته آمريڪا کي افغانستان لاءِ امدادي پئڪيج ڏيڻو پوندو. نه ته افغانستان داعش جي پناهه گاهه ٿي ويندو. رڳو طالبان ئي داعش کان ڇوٽڪارو  ڏياري سگهن ٿا، دنيا کي ساڻن ڳالهائڻ گهرجي.  طالبان ۾ سختي پسند ماڻهو ۽ مختلف ڌڙا پڻ آهن جيڪڏهن انهن کي اڪيلو ڪيو ويندو ته اهي ٻيهر  اڳ جهڙا ٿي ويندا ۽ ان سان صورتحال ڏاڍي خراب ٿيندي.  پريشاني آهي ته ڪٿي افغانستان جون حالتون 1989 واريون نه ٿين. عمران خان وڌيڪ چيو ته  ڊرون حملن جي مذمت ڪريون ٿا، دهشتگرديءَ سان وڙهڻ جو اهو ڏاڍو بڇڙو طريقو آهي، ڪچن گهن تي ٿيندڙ اهڙن حملن ۾ گهڻي ڀاڱي رڳو بي ڏوهي ماڻهو  ئي مارجندا رهيا آهن. هن چيو ته ڀارت جو افغانستان ۾ ڪردار سڀني جي سامهون آهي، اسان سان ماضي ۾ وڏيون ناانصافيون ڪيون ويون، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ساٿ ڏيڻ باوجود اسان کي قرباني جو ٻڪرو ڪيو ويو . عمران خان وڌيڪ  چيو ته پاڪستاني طالبان 50 گروپن تي ٻڌل آهن ۽ اسين انهن سان ٺهڻ جي ڪوشش ڪريون پيا جيڪي ڳالهيون ڪرڻ گهرن ٿا، هر تڪرار جو  نتيجو وري به ڳالهين سان ئي نڪري ٿو. پاڪستاني طالبان جنگ بنديءَ لاءِ قبائلي علائقن ۾ شرعي قانون لاڳو ڪرڻ ۽ سندن قيدي آزاد ڪرڻ جا شرط رکيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو