105

سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جو پاني ورهائڻ وارا معاملي اتفاقِ راءِ سان نبيرڻ تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آبي وسيلن واري وفاقي وزير چوڌري مونس الاهي ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڻيءَ جي ورڇ جا معاملا ڳالهين وسيلي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. سومر ڏينهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان وفاقي وزير مونس الاهي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. وفاقي وزير جي وفد ۾ آبي وسيلن وارو وفاقي سيڪريٽري شهزاد بنگش، جوائنٽ سيڪريٽري مهر علي شاهه ۽ ڊائريڪٽر عاشر عباس شامل هئا. وڏي وزير سان گڏ آبپاشي وارو صوبائي وزير ڄام خان شورو، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، آبپاشي وارو سيڪريٽري سهيل قريشي، چيف ايريگيشن ظريف کيڙو، وڏي وزير جو سيڪريٽري فياض جتوئي، ڊائريڪٽر آبپاشي شهباز ۽ ارسا جو ميمبر زاهد جوڻيجو شامل هئا. ملاقات ۾ پاڻيءَ جي ورڇ جي مسئلي تي غور ويچار ڪيو ويو. وڏي وزير  پاڻي معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ اچڻ تي وفاقي وزير جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اسان پاڻ چاهيون ٿا ته پاڻيءَ جي معاملي تي سمورين ڌُرين کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. وفاقي وزير چيو ته اسان پاڻ گڏجي ويهي ڳالهين ذريعي ئي پاني وارن مسئلن جو حل چاهيون ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو