111

بلوچستان جي وڏي وزير جون ڪوششون ناڪام، ناراض ميمبرن بي اعتمادي تحريڪ جمع ڪرائي ڇڏي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان جون ڪوششون ناڪام، ناراض ميمبرن بي اعتمادي تحريڪ جمع ڪرائي ڇڏي، رپورٽ موجب بلوچستان اسيمبلي جي ظهور بليدي، عبدالرحمان کيتران، نصيب الله مري ۽ ٻين ناراض ميمبرن صوبائي اسيمبلي جي سيڪريٽري وٽ بي اعتمادي تحريڪ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، بي اعتمادي جي تحريڪ تي 14 ميمبرن صحيحون ڪيون آهن، ظهير بليدي ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڪثر ميمبرن ڄام ڪمال تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو، اسپيڪر جلد اجلاس گهرائي ۽ بي اعتمادي تحريڪ پيش ڪري، وڏي وزير ڄام ڪمال کي ٻيهر چئون ٿا ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، هن چيو ته اسان ناراض گروپ نه پر متحد گروپ آهيون سياسي بحران جي ڪري مسئلا پيدا ٿيا آهن، ڄام ڪمال بازي هارائي ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو