اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ڊالر لڪائي مهانگو ڪندڙ 88 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 47 ڄڻن خلاف ايف آءِ آر درج ڪئي وئي آهي ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي خريد ۽ وِڪرو ڪندڙ 5 وڏين ڪمپنين جي آڊٽ جو فيصلو ڪيو آهي. سومر ڏينهن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شيخ رشيد احمد چيو ته هن چيو ته ڪسٽم کاتو گهرو وزارت جي ماتحت نه آهي، اسان جو ڪم رڳو ڊالر لڪائيندڙن جي جانچ ڪرڻ آهي. هن چيو ته ٻه سڃاڻپ ڪارڊ رکندڙن تي ڏنڊ 10 هزار رپيا گهٽائي 5 هزار روپيا ڪري ڇڏي آهي. ٻه پاسپورٽ رکندڙن کي 30 آڪٽوبر تائين هڪ پاسپورٽ ختم ڪرڻو پوندو، جڏهن ته ان جي آخري تاريخ ۾ واڌ به ڪري سگهجي ٿي. ويڪسي نيشن جا نقلي سرٽيفڪيٽ ٺاهيندڙن خلاف ايف آءِ اي ڪارروائي ڪري رهي آهي. ڪجهه اين جي اوز جي فنڊنگ جو معاملو به ڏسي رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته پي ڊي ايم جيڪو ڪجهه ڪرڻ گهري ٿي ڪٿي ايئن نه ٿئي ته اهو ڳچي ۾ پئجي وڃي. پي ڊي ايم خطي جي حالتن کي نظر ۾ رکي، جڏهن ته چونڊن ۾ 20 کان 22 مهينا بچيا آهن کين صبر ڪرڻ گهرجي. اپوزيشن پاڪستان جي اندر افغانستان جي حالتن کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪري، جيڪڏهن هو افغانستان جي حالتن کي ڏسي ڪري فيصلو نه ڪندا ته نقصان سندن ئي ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت پنهنجو پنجن سالن جو مُدو ضرور پورو ڪندي. گهرو وزير چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي جنازي نماز ۾ گهرو وزارت بهترين انتظام ڪيا ۽ محسن پاڪستان کي گهرو وزارت سرڪاري اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت هئي ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي تدفين فيصل مسجد ۾ ڪئي وڃي پر سندس ڪٽنب جي مرضيءَ سان کيس ايڇ 8 جي قبرستان ۾ ڪئي وئي.
108