117

اسلام آباد ۾ قانون واري اڳوڻي وفاقي وزير وصي ظفر جو پٽ گرفتار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ قانون واري اڳوڻي وفاقي وزير وصي ظفر جي پٽ وقاروصي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، رپورٽ موجب اسلام آباد جي سول سينيئر جج جي عدالت ڏاج جو سامان نه ڏيڻ تي وقار وصي کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي، پوليس اڳوڻي گهرواري جي درخواست تي عدالتي حڪم تحت کيس گرفتار ڪري ورتو، عدالت وقار وصي کي 20 مارچ 2018ع تي ڏاج جو سامان واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو