اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد ۾ 23 جولاءِ تي ۾ ٽرانسفارمر ڦاٽڻ سبب 10 شهرين جي فوت ٿيڻ واري واقعي بابت جاچ ڪاميٽي جي رپورٽ ۾ حيسڪو کي ذميوار قرار ڏنو ويو، جنهن کانپوءِ نيپرا حيسڪو تي 2 ڪروڙ 60 لک رپيا ڏنڊ هڻي ڇڏيو آهي، نيپرا موجب حيسڪو حفاظتي معيار کي برقرار رکڻ لاءِ قانوني ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام ويو، ڏنڊ جي رقم سوڳوار خاندانن ۾ 35-35 لک رپين جي حساب سان ڏني ويندي، ساڍا 7 لک هر هڪ زخمي کي ڏنا ڏيندا، جڏهن ته تفصيل شيئر ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي.
161