126

سنڌ حڪومت جو 1991ع واري معاهدي کان سواءِ پاڻي جي ورڇ جو ڪو به فارمولا قبول نه ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڻي جي وسيلن واري وفاقي وزير چوڌري مونس الاهي سان ملاقات ۾ چيو آهي ته اسان جي حڪومت 1991ع واري پاڻي معاهدي کان سواءِ پاڻي جي ورڇ جو ڪو به فارمولا قبول نه ڪندي جنهن ۾ ٽي رخي فارمولو پڻ شامل آهي. هن چيو ته ارسا کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اپاءِ ورتا وڃن ته جيئن پاڻي واري معاهدي تي سندس حقيقي روح مطابق عمل ڪيو وڃي ۽ خريف جي شروعاتي ۽ پڄاڻي واري وقت دوران پنجاب ۾ ڪوبه لنڪ ڪينال نه کوليو وڃي. سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ پاڻي جي وسيلن واري وفاقي وزير چوڌري مونس الاهي سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وفاقي وزير مونس الاهي جي معاونت وفاقي پاڻي بابت سيڪريٽري شهزاد بنگش، جوائنٽ سيڪريٽري پاڻي مهر علي شاهه ۽ ڊائريڪٽر اشعر عباسي زيدي ڪئي. جڏهن ته وڏي وزير جي معاونت سندس ٽيم ڪئي، جنهن ۾ آبپاشي وارو وزير  ڄام خان شورو، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، چيف انجنيئر آبپاشي شامل ظريف کهڙو، ميمبر ارسا زاهد جوڻيجو، وڏي وزير جو ايڊيشنل سيڪريٽري فياض جتوئي ڪئي. اجلاس جي شروعات ۾ وفاقي وزير مونس الاهي چيو ته مون صوبي جي اسٽيڪ هولڊرن سان ملاقاتون شروع ڪيون آهن ته جيئن پاڻي جي ورڇ  واري معاملي تي سندن راءِ وٺي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته آئون چاهيان ٿو ته سمورا مسئلا سٺي نموني سان نبيرجن. پاڻي جي ورچ واري مسئلي کي حل ڪرڻ جي وفاقي وزير جي ڪوششن کي ڀليڪار ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته 1991 جو معاهدو گڏيل مفادن واري ڪائونسل منظور ڪيو هو جيڪو سڀني صوبن لاءِ قابل قبول آهي. اسان کي هڪ ننڍڙي شڪايت آهي ته اسان چاهيون ٿا ته وفاقي حڪومت ارسا کي مضبوط ڪري ته جيئن اها پاڻيءَ جي معاهدي کي سندس حقيقي روح مطابق لاڳو ڪري سگهي. هن وڌيڪ چيو ته ارسا معاهدي تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي ۽ پنجاب کي لنڪ ڪينال کولڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. ارسا 16 سيپٽمبر 1991 تي CCI پاران لاڳو ڪيل مختلف ڪينال سسٽمز موجب پاڻيءَ جي کوٽ جي ورڇ لاڳو ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي.  هن زور ڀريو ته پاڻي جي کوٽ کي  صوبن ۾ برابر ورهائي وڃي پر ارسا ان تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي. سنڌ جي وڏي وزير  چيو ته خريف دوران ٽي رخي فارمولا هيٺ پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان کي وڌيڪ پاڻي ملندو. ان جي وضاحت ڪندي مراد علي شاهه چيو ته 73.68 ايم اي ايف پاڻي موجود آهي ۽ خريف دوران پنجاب کي ٽي رخي فارمولا هيٺ 38.21 ايم اي ايف، سنڌ کي 31.80 ايم اي ايف، بلوچستان کي 2.85 ايم اي ايف، ڪي پي کي 0.82 ايم اي ايف ملندو. هن وڌيڪ چيو ته 1991ع جي معاهدي هيٺ پنجاب کي 36.57 ايم اي ايف، سنڌ کي 33.49 ايم اي ايف، بلوچستان کي 2.81 ايم اي ايف ۽ ڪي پي ڪي کي 0.80 ايم اي ايف پاڻي ملندو. 1991 معاهدي جي ڀيٽ ۾ ٽي رخي فارمولا هيٺ پنجاب کي 1.64 ايم اي ايف، بلوچستان کي 0.04 ايم ايف ايف ۽ خيبر پختون خوا کي 0.02 ايم اي ايف وڌيڪ پاڻي ملندو جڏهن ته سنڌ کي 1.69 ايم اي ايف گھٽ پاڻي ملندو. مراد علي شاهه چيو ته اسان جي حڪومت ڪڏهن به ٽي رخي فارمولا کي قبول نه ڪندي ڇوته تاريخ ٻڌائي ٿي ته هر فارمولا سنڌ جي ماڻهن جي پاڻيءَ جو حصو گهٽائي رهيو آهي. ان موقعي تي پاڻي جي وسيلن واري واري وفاقي وزير مونس الاهي چيو ته اسين سنڌ جي پاڻي جو حصو گهٽائڻ جي حق ۾ نه آهيون ۽ اسان ٻين صوبن سان ان مسئلي تي ڳالهائينداسين ته جيئن پاڻي جي ورڇ انصاف ڀري ڪري سگهجي. سنڌ جي وڏي وزير ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي تي پڻ بحث ڪيو ۽ چيو ته اھو انڊس ڊيلٽا جي بقا لاءِ ضروري آھي. وفاقي وزير مونس الاهي سنڌ جي وڏي وزير کي خاطري ڪرائيندي چيو ته پاڻي جي ورڇ، مضبوط ارسا سسٽم ۽ انڊس ڊيلٽا جي تحفظ لاءِ پائيدار حل ڳولهڻ لاءِ وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو