129

سعد رضوي جي آزادي جو فيصلو چئلينج، درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حۡڪومت پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي سربراهه سعد رضوي جي آزادي جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي، رپورٽ موجب پنجاب حۡڪومت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، حڪومت موقف اختيار ڪيو آهي ته سعد رضوي کي آزاد ڪرڻ جي حڪم ۾ قانوني گهرجون پوريون ناهن ڪيون ويون، لاهور هاءِ ڪورٽ کي نظربندي بابت رڪارڊ فراهم ڪيو، ان باوجود نظربندي ختم ڪئي، سندس آزادي جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. هوڏانهن پنجاب حڪومت جي درخواست سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي، سپريم ڪورٽ جي ٻي رڪني بئنچ اڄ اپيل جي ٻڌڻي ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو