92

ڪراچي ۾ پنجن ٻارڙن جي اغوا ڪيس ۾ جوابدار رمانڊ تي پوليس حوالي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جوڊيشل مئجسٽريٽ اولهه جي عدالت هڪ ئي خاندان جي پنجن ٻارڙن کي اغوا ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار جوابدار فهيم کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه پوليس پاران ڄاڻايل جوابدار کي پيش ڪرڻ تي ڏنو. ڪالهه ٻڌڻي دوران ڪيس جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار ٻارڙن سان ڏاڍائي ڪرڻ لاءِ اغوا ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي جڏهن ته ان ڏس ۾ جوابدار کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا جاري آهي. جوابدار ٻارڙن کي مدرسي تان واپسي تي اغوا ڪيو ۽ انهن کي منتقل ڪرڻ لاءِ ٻن رڪشائن جو استعمال ڪيو. جاچ آفيسر موجب جوابدار پنهنجي زال کي 3 مهينا اڳ طلاق ڏني. ابتدائي پڇا ڳاڇا دوران جوابدار ٻڌايو آهي ته ٻارڙن کي غلط نيت سان اغوا ڪيو. جوابدار خلاف سعيد آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو