125

ڪراچي ۾ قتل ڪيس جو شاهد قتل، ڦرلٽ ۾ ملوث 2 گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي بفرزون واري علائقي ۾ ڪالهه موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن قتل ڪيس جي اکين ڏٺي شاهد کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، مارجي ويل غلام مرتضيٰ عرف پوني گذريل سال صدر واري علائقي ۾ قتل ٿيل جمشيد عالم جي قتل جو اکين ڏٺو شاهد هو ۽ گذريل 20 سالن کان هو جمشيد عالم جي فيملي جو ڊرائيور هو، جمشيد عالم ميڊيڪل سينٽر جو مالڪ ۽ پراپرٽي جو ڪم پڻ ڪندو هو، هن کي گذريل سال صدر واري علائقي ۾ قتل ڪيو ويو هو ۽ غلام مرتضيٰ ان واقعي جو اکين ڏٺو شاهد هو، ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي سٽي ڪورٽ ۾ ٻڌڻي متوقع هئي، اکين ڏٺو شاهد غلام مرتضيٰ مقتول جمشيد عالم جي پٽ ارسلان سان گڏ سٽي ڪورٽ ويو جتي هنن کي خبر پئي ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي وفات سبب سٽي ڪورٽ ۾ ٻڌڻيون ملتوي ٿيل آهن ۽ هو عدالت کان واپس بفرزون ۾ سيڪٽر 15 اي الحبيب ريسٽورنٽ وٽ پهتا، غلام مرتضيٰ گاڏي مان لٿو ته موٽر سائيڪل تي سندن پيڇو ڪري آيل 2 هٿياربندن فائرنگ ڪري غلام مرتضيٰ کي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هو زخمن جا سور نه سهي فوت ٿي ويو. پوليس جو خيال آهي ته غلام مرتضيٰ جي قتل جو سبب جمشيد عالم جي قتل جو اکين ڏٺو شاهد هجڻ ٿي سگهي ٿو، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڦرلٽ ۾ ملوث 2 ملزمن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتار جوابدارن انڪشاف ڪيو آهي ته هو واردات لاءِ سٽي ڪورٽ جي مال خاني مان پستول ڀاڙي تي کڻندا هئا ۽ خليل نالي شخص هنن جو ساٿي آهي، شاهراه نورجهان پوليس موجب 2 ڦورن شهريار عرف معصوم بنگالي ۽ سعيد بنگالي کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، ڦورن 5 ڏينهن اڳ اقبال مارڪيٽ اورنگي ٽائون ۽ 2 مهينا اڳ سرجاڻي ٽائون ۾ گهرن مان ڦرلٽ ڪئي هئي، ملزم شهريار عرف معصوم بنگالي حيدرآباد ۾ 6 ڪروڙ رپين جي ڦرلٽ جي واردات ۾ پڻ ملوث هو ۽ 10 سال سزا ڪاٽڻ بعد جيل مان آزاد ٿي ٻيهر وارداتون ڪرڻ لڳو، گرفتاري بعد ملزمن پڇا ڳاڇا دوران حيرت انگيز انڪشاف ڪندي پوليس کي ٻڌايو آهي ته هو واردات لاءِ سٽي ڪورٽ جي مال خاني مان هٿيار ڀاڙي تي وٺندا هئا ۽ خليل نالي سندن ساٿي ٿوري وقت لاءِ انهن کي هٿيار ڀاڙي تي ڏيندو هو ۽ خليل کي هو هڪ پستول جا 8 هزار رپيا ڏيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن خليل به ڦر جي وارداتن ۾ ساڻن گڏ هوندو هو ۽ پڪڙجڻ جي صورت ۾ خليل جعلي وڪيل ٿي ٿاڻي ۾ پوليس سان جوڙ توڙ ڪندو هو. هن سٽي ڪورٽ ۾ ايندڙ ڪيترن ئي سرڪاري آفيسرن بابت ٻڌايو ۽ انهن جي ريڪي ڪرڻ لاءِ چيو، خليل جي چوڻ تي سينٽرل ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي آفيسر جي ريڪي ڪئي، ملزم خليل موت جي سزا ملڻ کانپوءِ به آزاد ٿي آيو ۽ اسان سان گڏ ڪم ڪرڻ لڳو، ملزمن ٻڌايو آهي ته سندن ٻين ساٿين جو تعلق ايم ڪيو ايم لنڊن سان آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو