103

ڪراچي ۾ واپاري کي ڀتي لاءِ پرچي، 2 گوليون پڻ موڪليون ويون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ واپارين کي ڀتي جون پرچون گولين سان گڏ ٻيهر ملڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، پي سي ايڇ ايس جي رهواسي جوڙيا بازار جي واپاري کي ڀتي جي پرچي وصول ٿي آهي، ڀتي جي پرچي ۾ نائن ايم ايم پستول جون ٻه گوليون پڻ مليون آهن. ڀتي جي پرچي ۾ واپارين کان هڪ ڪروڙ رپين جو مطالبو ڪيو ويو آهي. واقعي جو ڪيس واپاري جي فرياد تي فيروز آباد ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻه نامعلوم جوابدار واپاري جي ڊرائيور کي لفافو ڏئي هليا ويا لفافي ۾ نائن ايم ايم پستول جون ٻه گوليون ۽ پرچي موجود هئي جنهن ۾ پئسا نه ڏيڻ جي صورت ۾ کيس اڳرن نتيجن جون ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو