ليکڪ: مٺل جسڪاڻي
جھڙو سوال تھڙو جواب“، علمي ادبي حوالي سان پھاڪو، چوڻي، ورجيسي يا اصطلاح ھجڻ ۽ ان جي تشريح يا سمجهاڻي بابت پڻ، صرف مون کان ئي نه، گهڻن کان وڌيڪ بھتر محترم عبدالوھاب سھتو صاحب قلمبند ڪري سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته پاڻ ڪيترن ئي سالن کان، وڌ ۾ وڌ مطالعو ۽ لکڻ پڙھڻ جو سلسلو، چوڻين، پھاڪن، ورجيسين ۽ اصطلاحن جي نسبت سان جاري رکيو اچي. جيڪو پڇڻ کان وڌيڪ اھميت مطالعي کي ڏي، ان کي گهرجي ته محترم وھاب سھتي صاحب جا ڪتاب ڳولي، ھٿ ڪري، پڙھي، ”جھڙو سوال تھڙو جواب“ جي حوالي سان آئون اھو عرض ڪندس ته ڪنھن به سوال جو جواب ڏيڻ کان پھرين، صرف سوال کي نه سمجهڻ گهرجي، پر سوال جو آڳو پيڇو، پاسو پلاند، ھيٺ مٿاھين، مقصد ته سوال جو ھر پھلو نظر ۾ رکڻ گهرجي، آئون ڪير آھيان؟ آئون ڇا آھيان؟ اھڙي ريت، منھنجي حوالي سان ھر سوال جو جواب نه ئي سھي، گهڻن سوالن جا جواب، مون کان وڌيڪ بھتر انداز ۾ ۽ درست جواب ٻيو ڪير نه ڏئي سگهندو. ان ھوندي به، جن کي، منھنجي، جيتري به خبر آھي، اوترو سڃاڻن ٿا، پر کين گهڻيون خبرون نه به آھن. مثال طور، مون کي سڃاڻندڙن جي اڪثريت کي شايد اھا خبر ته آھي، ته آئون 1996ع کان 2021ع تائين، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ استاد رھيو آھيان ۽ استاد طور نڀائڻ جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش پئي ڪئي. ان ۾ ڪيترو ڪامياب ٿيس، ان جو اندازو منھنجي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان وڌيڪ ٻين کي نه ھوندو، انھن کان ٿوري گهٽ خبر انھن کي ھوندي، جيڪي ان عرصي دوران منھنجا ھم پيشا، استاد يا منھنجا مددگار ساٿي (عملو) رھيا، اھي به بھتر ڄاڻن ٿا. استاد ھجڻ سان گڏوگڏ، زراعت بابت آئون جيڪو ڪجهه به ڄاڻان ٿو، منھنجي ڪوشش رھي آھي، ته اھا ڄاڻ سنڌي، اردو، انگريزي ۽ سرائڪي ۾ (صرف انھن ئي چئن ٻولين ۾ لکي، ڳالھائي سگهان ٿو، ان ڪري صرف اھي ئي لکيم)، لکڻ ۽ ڇپرائڻ وسيلي يا ڳالھائڻ ذريعي ٻين تائين منتقل ڪريان. ان سلسلي ۾ مون ڇا ڇا پئي ڪيو آھي، ان جو اندازو زراعت ۾ عملي دلچسپي رکندڙن کي ھوندو. مون سان وقت بي وقت ماڻھو رابطي ۾ پئي رھيا آھن، سوال ڪن ٿا، کين جواب ڏيندو آھيان. اھو سلسلو 1984ع کان ھي به اکر لکڻ تائين، بنا لالچ، بنا معاوضي جاري آھي، اميد ته مستقبل ۾ به جاري رھندو.مون کي عرض اھو ڪرڻو آھي، ته جواب ڏيڻ لاءِ صرف سوال ئي نه، سوال پڇندڙ کي به ذھن ۾ رکبو آھي. ڳالهه کي کُٽايان… ڪجهه ڏينھن کان فيڪ فيس بوڪ آءِ ڊيز تان، نون موبائيل نمبرن تان، مون کان زرعي سوال ٿيڻ شروع ٿيا آھن، مون جيئن درست سمجهيو، تيئن درست زرعي جواب ڏنا آھن. آئون پنھنجي ھر ھڪ جواب لاءِ ذميوار آھيان. ڇو ته آئون پاڻ کي غير ذميوار نه سمجهندو آھيان. مون کي جنھن تڪليف مٿيون سٽون لکرايون آھن، اھو به ھڪ سوال آھي، اميد ته جواب ملندو.پڇڻو اھو اٿم، ته پنھنجي سڃاڻپ لڪائي، بي تُڪا سوال پڇڻ مان، ڇا ٿو ملي؟ ڪھڙي خوشي ٿي حاصل ٿئي؟ ڪھڙو مقصد پورو ٿئي ٿو؟