152

ڪتاب ”ٻولي ٻجھارت“ جو تعارف

ليکڪ: ”راز“علي گل ڀٽو۔

لطيفيات ۽ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جي فن فڪر۽ مجموعي شاعريءَ تي سوين ڏيهي ۽ پرڏيھي عالمن ۽ ڏاھن قلم ڪشائي ڪئي آھي، جنھن لاءِ سوين ڪتاب قلم بند ڪيا ويا آھن، جن ۾ڀٽائيءَ جي شخصيت حسب نسب،رھڻي ڪھڻي، اٿڻ، ويھڻ، راهه ورسم، حالات واقعات ۽سندس شاعريءَ جي ھر صنف ۽ پاسي تي لکيو ويو آھي، جيتوڻيڪ ڀٽائي جنھن مان ۽ مرتبي جو شاعر ۽ عالم آھي ته ان تي ھر وقت ھر عقلمند عالم جي لکڻ لاءِ گنجائش رھي ٿي، سنڌ، پنجاب، جرمني ۽ برطانيا جي عالمن ۽ مفڪرن ڀٽائيءَ جي آفاقي شاعريءَ کي پرکيو ۽ پروڙيو آھي، ھندستان جي سنڌي،گجراتي ۽ مارواڙي عالمن ته اڃان تائين ڀٽائيءَ  جي وارثيءَ  تان ئي ھٿ نه کنيو آھي، ڀٽائيءَ  جي ڪلام جي پھرئين ڇپائي به جرمني ۽ بمبئي جي ڇاپي خانن مان ڪرائي وئي آھي، ان سلسلي ۾تازو ”ٻولي ٻجھارت“ جي نالي سان ڀٽائيءَ جي ڪلام جي نئين سر ڇنڊ ڇاڻ تي مشتمل ڪتاب مرڪ پبليڪيشن ڪراچي پاران ڇاپي پڌرو ڪيو ويو آھي، ھن ڪتاب جو ليکڪ سنڌي صورتخطي، لغات ۽ شاعريءَ  تي سٺي پھچ رکندڙ ڏاھو مينھون خان ”سوز“ بلوچ آھي، جيڪو سنڌ اطلاعات کاتي جو رٽائرڊ آفيسر آھي، جيڪو ٻلھڙيجي ادبي آکاڙي جو گروبه ليکيو ويندو آھي، پاڻ ڪنڌ ڪوٽ جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ شڪل خان ڀنگوار ۾ڄائو ۽ اڄ به اتي ئي رهي ٿو، ھن ڪتاب جا 312 صفحا آھن، پڪي جلد ۽ سھڻي پوش سان سٺي سفيد ڪاغذ تي ڇپيل آھي، سانڍڻ جھڙي ھن ڪتاب جو ملھه 500 رپيا آھي، صاحب ڪتاب جو مختصر تعارف آخري صفحي تي سيبتي اديب،ڀٽائيءَ جي چاھيندڙ ۽ لطيفيات جي چڱي ڄاڻ رکندڙ ٻلھڙيجي  جي ٻار جي وکر اقرار پيرزادي نھايت محتاط انداز ۾لکيو آھي،ھن ڪتاب جي ارپنا مصنف پنھنجي والد صاحب کي ڪئي آھي،ھن ڪتاب جو نالو ڀٽائيءَ  جي ھن بيت تان ورتو ويو آھي،

جوڳيان سندي ذات جي ٻولي ٻجھارت،

ڏورڻ گھڻو ڏاکڙو،ھلڻ ۾حيرت،

عجب عبادت، پھه پروڙڻ ان جو،

ھن ڪتاب جي ليکڪ 28 سرن جي مختلف داستانن مان اھي بيت چونڊي انھن تي بحث ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آھي، جنھن جي لکڻي، معنيٰ ۽ مفھوم سان ٻين عالمن جي راءِ ۽ لکڻيءَ  سان عالمانا اختلاف ڪيو آھي، ان اختلاف ۾به ٻين معزز ليکڪن جي ادب ۽ احترام جو خيال ڪندي دليلن جي دائري ۾بحث کي سميٽيو آھي، مصنف بيتن جي معنيٰ،  مفھوم۽ صورتخطيءَ جي سلسلي ۾شاهه جي تقريبن سڀني شارحن سان اختلاف رکيو آھي، اختلاف به شاهه جي انھن شارحن سان جيڪي ھينئر گھڻي ڀاڱي حال حيات ناھن، بمصنف جي ھينئر عمر 80 سالن جي لڳ ڀڳ آھي،اھو ڏاڍو بھتر ٿئي ھا ته ھي بحث انھن جي زندگيءَ ۾ٿئي ھا ته بھتر ھو، جيئن انھن جي ٿصحيح ۽ جواب الجواب ۾آساني ٿئي ھا ۽ اھو منجھيل سٽ سلجھائڻ ۾سولائي ٿئي ھا،ھن ڪتاب جو مفصل مھاڳ 31 صفحن تي ڊاڪٽر غلام النبي سڌايو لکيو آھي، جنھن پڻ مونجھارن مٽائڻ جي ڪوشش ته ڪئي آھي پر ان کان به وڌيڪ مصنف جا پنڌ پيچرا واضع آھن، جيتوڻيڪ ڊاڪٽر سڌايو جو مھاڳ طويل به آھي،شاهه جي ھر نئين لکاريءَ کي پڙهندڙ  ان اشتياق سان پڙھندو آھي ته شاهه جي بيتن ۽ ڪلام جو فلسفو اڃان وڌيڪ واضح ۽آسان ھوندو، اتفاق سان اختلاف واري تحرير تڏھن اڀرندي جڏھن دليلن جي ڏي وٺ ٿيندي، ھاڻي مسئلو اھو آھي ته ڪتاب جي مصنف جن شارحن جي تحرير، معنيٰ ۽ مفھوم سان اختلافي دليل ڏئي تصحيح ڪئي آھي،اھي ھي جھان ڇڏي چڪا آھن، مثال طور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلو چ، ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ڊاڪٽر گربخشاڻي، عثمان علي انصاري، ٻا نھون خان شيخ، علامه آءِ آءِ قاضي، آغا يعقوب ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا، ڄاڻايل مصنف شاهه لطيف جي  لغات سان به اختلاف ڏيکاريو آھي، جنھن لاءِ  ڪافي ٻين لغاتن جا حوالا ڏنا اٿس، جن ۾ڪٿي ڪٿي وزن به محسوس ٿئي ٿو، ھن ڪتاب جي پڙھڻ سان لطيف شناسيءَ جا ڪيئي پنڌ پيچرا ملن ٿا ته وري بحث لاءِ  ڪيئي آثار به جڙن ٿا، ڀٽائيءَ  جي دؤر کي ويجھو کان ڏسڻ وارا ۽ ان دؤر جا اکين ڏٺا پارکو ،ڀٽائيءَ  جا صحابي ۽ تابعين ته پري رھيا پر ڀٽائِيءَ  جا تبع تابعين به ڳوليا ڪون ٿا لڀن، ھاڻي ڀٽائيءَ  جا عاشق ۽ سنڌ جا ديوانا يا ته لطيفي لغات، سنڌي لغات ۽ اڳوڻن پراڻن ڪتابن جو سھارو وٺي ڀٽائيءَ  جي شخصيت ۽ بياض کي سمجھي۽ سمجھائي سگھن ٿا، ٻولي ٻجھارت ڪتاب سنڌ ۽ ڀٽائيءَ جي گھڻ گھرن ۽ پارکن اھا دعوت به ڏئي ٿو ته ھن ڪتاب ۾ڏنل ردن ۽دليلن کي سامھون رکي تازي تحرير تي بحث ڪري ان عميق مان معرفت جا سچا موتي ميڙي اچن، ڇو ته دنيا مان اڃان عقل ۽ دانش ناپيد  ڪونه ٿيا آھن، ان ڪري موجودهه ادبي نسل کي ھن ڪتاب جو گھرو مطالعو ڪري ان جو ادبي مقام مقرر ڪن، ھن ڪتاب ۾ڪٿي ڪٿي پريس، پروف ۽ صورتخطيءَ جون چڪون به آھن، سوز ٻروچ پاڻ کي ھر جاءِ تي سوز ٻروچ چوائڻ ۽ لکڻ تي زور ڏيندو آھي،پر ڪتاب جي سرورق ۽پنھنجي پاران جي پڄاڻيءَ  تي سوز بلوچ لکيل آھي،شايد ڪمپوزر کان سھو ٿي آھي يا مصنف جي ان تي نظر نه پئي آھي، ڪتاب جي صفحي 26 تي لکيل آھي ته ڪلياڻ راڳ ان زماني جي ياد آھي، جڏھن 1973ع ۾جالوڪيه خاندان جي ٻيھر حڪومت ٺھي، ھاڻي واقعي جي حساب سان ڏٺو وڃي ته اھو سن صحيح ڪونھي، ان جي وضاحت يا تصحيح ضروري آھي، صفحي 56 تي لفظ پڻھين لکيل آھي جيڪو جملي جي حساب سان پاڻھين يا پڙھڻي ٿيندو، مصنف صفحي 272 تي لکي ٿو ته ليفٽيننٽ بارجر 1685ع ۾سنڌ بلوچستان جي دؤري تي آيو ۽ لکي ٿو ته نادر شاهه سن 1742 يا 1739ع تي سنڌ جي گاديءَ  واري شھر ٺٽي تي حملو ڪيو، وقت جي حساب  سان مٿيان سن پاڻ ۾ميل نٿا کائين، ھن ڪتاب ۾ ڀٽائيءَ  جي بيتن سان لاڳاپيل لوڪ ڪھاڻين ۽ تاريخي حقيقتن تان به دز ڇنڊي ڦوڪي نروار ڪئي آھي، ڪافي نيون حقيقتون به منظر عام تي آنديون آھن، جن سان پڙھندڙن ۾دلچسپي ۽ ڄاڻ ۾اضافو ٿئي ٿو، مصنف پنھنجي وت ۽ وس آھر تحقيق لاءِ  نوان لاڙا متعارف ڪرايا آھن، ھن ڪتاب کي موجوده صورت ۾ آڻڻ لاءِ مصنف کي 48 ڪتاب پڙھڻا پيا آھن، بحرحال ھيءُ  ڪتاب ھر حال ۾پڙھڻ ۽ سانڍڻ جھڙو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو