175

استاد ٿيڻ لاءِ پروفيشنل ڊگري سان ٻه اکيائي ڇو؟

ليکڪ: يوسف جميل لغاري

ڊگهي عرصي کان سنڌ جي تعليم کاتي ۾ نت نوان تجربا ٿيندا رهيا آهن ۽ انهن تجربن جو سلسلو اڃا به جاري آهي. حيران ڪندڙ ڳالهھ ته اِها آهي جو انهن تجربن جي عيوض تعليم کاتي ۾ ڪي جوڳا سُڌارا ته ڪونه اچي سگهيا آهن. پر ان جي ابتڙ تعليم جي تباهي گهڻي ٿي آهي. الميو ته اهو آهي جو هن وقت تائين سنڌ جي تعليم کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪو پاليسي ميڪر نه ملي سگهيو آهي. جيڪو مجموعي طور سنڌ جي تعليم جي سموري صورتحال کي سامهون رکندي اُن جي بهتري لاءِ ڪا ڪارگر حڪمت عملي جوڙي سگهي. هن وقت تائين تعليم کاتي کي جيڪي به پاليسي ميڪر مليا آهن. انهن جي مهرباني سان سنڌ جي نصابي ڪتابن ۾ بيت کي غزل ۽ غزل کي گيت ڪري پڙهايو ويو آهي. گذريل ڏهاڪي يعني 2011ع کان سِي ٽِي (CT) ۽ پي ٽي سي (PTC) جي ڊگري کي ختم ڪري اُن جي جاءِ تي ٻه سالا اَي ڊي اِي (ADE) ۽ چار سالا بي ايڊ آنرس (B.Ed) جي ڊگري متعارف ڪرائي. جنهن متعلق اهو چيو پي ويو ته مستقبل ۾ جيڪي به ڀرتيون تعليم کاتي ۾ ڪيون وينديون اُهي هنن ڊگرين جي بنيادن تي ٿينديون. بلڪل اهڙي طرح جهڙي طرح ڊاڪٽر ٿيڻ لاءِ ايم بي بي ايس (MBBS) جي ضرورت پوندي آهي. وڪيل ٿيڻ لاءِ ايل ايل بي (LLB) جي ضرورت پوندي آهي ۽ انجنئير ٿيڻ لاءِ بِي اِي (BE) جي ضرورت پوندي آهي. اُستاد ڀرتي ڪرڻ لاءِ اهو بهانو بڻايو ويو ته اسان کي اُهي ماڻهو درڪار هوندا جيڪي پروفيشنل ڊگري رکندڙ هوندا. هن نئين پاليسي کان پوءِ سنڌ ۾ لکن جي تعداد ۾ شاگردن پنهنجي شهر/علائقي/ضلعي ۾ قائم ٿيل ايليمينٽري ڪاليجن جو رخ ڪيو ۽ پنهنجي روشن مستقبل جي حاصلات لاءِ اَي ڊي اِي (ADE) ۽ بي ايڊ آنرس (B.Ed) جي ڊگري مڪمل ڪرڻ لاءِ تعليمي ادارن ۾ داخلائون ورتيون. اهم ڳالھه ته اها به آهي جو انهن ڪاليجن ۽ درسگاهن ۾ جتي اهي ڊگريون ٿي رهيون آهن انهن ۾ پڙهائيندڙ اُستادن جو هميشه اهو ئي چوڻ رهيو آهي ته ”بابا اوهان جي نوڪري ته پڪي آهي ڇو ته اوهان تعليم کاتي ۾ بطور پروفيشنل ڊگري يافته آهيو“. وقت گذرڻ سان گڏ اُنهن مهربان استادن جي ڳالهھ درست ثابت نه ٿي سگهي ۽ تعليم کاتي وارا اها ڳالھه وساري ويٺا ته اسان کي واقعي پروفيشنل ڊگري وارا  اميدوار کپن. 2018ع ۾ جي اي ايس ٽي (JEST) اُستادن جو جيڪي ڀرتيون ٿيون انهن ۾ حڪومت بي ايڊ جو شرط رکيو. سموري سنڌ ۾ هاءِ هاءِ ٿي وئي. اصل رڻ ٻري پيو. ڪو به ماڻهو اها ڳالھه سمجهڻ جي نه پيو ڪري ته جن اميدوارن سرديون، گرميون سر تي کڻي ڪري اَي ڊي اِي (ADE) ۽ بي ايڊ آنرس (B.Ed) جي ڊگري مڪمل ڪئي آهي. اُنهن کي به موقعو ملڻ گهرجي. سڀني جو اهو مطالبو هو ته انهن ڊگرين جو شرط ختم ڪيو وڃي، ستم ظرفي ته اها آهي جو گذريل مهيني جيڪي ڀرتيون ڪيون ويون آهن. انهن ۾ اڪثريت اهڙن ماڻهن جي هئي جيڪي تعليم کاتي ۾ پروفيشنل ڊگري يافتا ڪونه هيا. ان سموري مرحلي جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ جا نتيجا اوهان جي سامهون آهن. جيڪڏهن انهي جاءِ تي صرف انهن ماڻهن کي امتحان ۾ ويهڻ ڏنو وڃي  ها جيڪي تعليم کاتي ۾ پروفيشنل ڊگريون رکندڙ آهن ته يقينن اهي وڏي تعداد ۾ ڪامياب ٿين ها. ها جيڪڏهن ٿوري گهٽ وڌائي ٿي به پوي ها ته انهن جو حق آهي ته کين ڪجهھ اضافي (Grace) مارڪون ڏنيون وڃن ها ته جيئن اُهي تعليم کاتي جو حصو ٿي پنهنجي صلاحيتن جو درست استعمال ڪري سگهن ها پر هتي ته قابل ۽ صلاحيت واري ماڻهو کي هميشه اذيتن ۾ رهڻو پوندو آهي. اهڙو ئي هڪڙو مثال تعليم کاتي جي نئين پاليسي ۾ به موجود آهي. جنهن ۾ لکيل آهي ته جنهن وٽ بي ايڊ آنرس جي ڊگري هوندي ان کي چار اضافي مارڪون ڏنيون وينديون ۽ جنهن وٽ 2 ساله اَي ڊي اِي جي ڊگري هوندي ان کي ٻه مارڪون اضافي ڏنيون وينديون. اهڙي طرح سان هڪ سال واري بي ايڊ ڊگري يافتا نوجوان کي هڪ مارڪ اضافي ڏني ويندي. اهڙن ناقص ۽ پاليسين جي هوندي تعليم کاتي ۾ ڀلا بهتري ڪيئن ٿي اچي سگهي؟ هڪڙي شاگرد کي پنهنجي پڙهائي جي چار سال يا ٻه سال جي عرصي ۾ اهو پڙهايو وڃي ته”پڙهائڻ ڇا آهي؟، نصاب ڇا هوندو آهي؟ ان جي جوڙجڪ ڪيئن ٿيندي آهي؟ اسڪول جا انتظامي معاملا ڪهڙا آهن؟ ڪلاس جا انتظامي معاملا ڪهڙا آهن؟ ٻار جي نفسيات ڇا آهي؟ پڙهائڻ جا موثر طور ۽ طريقا ڪهڙا آهن؟ پڙهائڻ جا ڪيترا قسم آهن؟ تعليم جا بنياد ڪهڙا آهن؟ تعليم جا ڪيترا قسم آهن؟ تحقيق ڇا آهي؟ استاد پاڻ ڇا آهي؟ شاگرد جي تعليم واري سرشتي ۾ ڪهڙي حيثيت آهي؟ تعليم جو ڪارج ڇا آهي؟ تعليم ڇو ضروري آهي؟ فلسفي جو تعليم سان ڪهڙو واسطو آهي؟“. اهڙا ٻيا به انيڪ موضوع آهن جيڪي انهن ڊگرين بي ايڊ آنرس ۽ اَي ڊي اِي جي دوران پڙهايا وڃن ٿا. پر وري به اهو سوچي ڪري رنج ٿو ٿئي ته انهن سڀني موضوعن ۾ مهارت رکندڙ نوجوانن کي باءِ پاس ڪندي تعليم کاتي ۾ اهڙن الهڙ جوانن کي موقعو فراهم ڪيو پيو وڃِي. هن وقت سنڌ جا هزارين نه پر لکين اهڙا نوجوان منتظر آهن جن وٽ اَي ڊي اِي ۽ بي ايڊ آنرس جي ڊگري موجود آهي، هاڻوڪي ڀرتين کانپوءِ جيڪي جايون خالي رهجي وڃن اُنهن تي پروفيشنل ڊگري رکندڙ نوجوانن کي موقعو ڏنو وڃي جيئن باقاعده تربيت ورتل نوجوان تعليم کاتي ۾ اچن ٿا ۽ اُهي پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور استعمال ڪندي تعليم کاتي ۾ جدت آڻين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو