111

محسن پاڪستان ڊاڪٽر قدير خان جو لاڏاڻو

ليکڪ: مير ذوالفقار چانڊيو

ھونءَ  ته ھن ملڪ جو ھر فرد محسن پاڪستان يا ان سان محبت ڪندڙ آھي پر ڪجهھ اھڙا عظيم ڪردار يا شخصيتون گذري چڪيون آهن جن پنھنجي سڄي حياتي ملڪ جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي،مطلب انھن اھو ازم ڪري ڇڏيو ته ھر گذرندڙ وقت ملڪ جي خدمت لاءِ ھوندو، انھن عظيم شخصيتن مان ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو نالو سرفهرست اچي ٿو جنهن پنهنجي زندگي ملڪ جي لاءِ وقف ڪري ڏينھن رات ملڪ جي خدمت ڪري پنهنجو نالو محسن وطن عزيز ۾ لکرايو ھو نه ته  ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي پيدائش ڀوپال ڀارت ملڪ ۾ ٿي، ورھاڱي کان پوءِ 1952 ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير جو خاندان ھجرت ڪري ڪراچي لڏي آيو، جتي ڊاڪٽر قدير ڪراچي يونيورسٽي مان ڊگري حاصل ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ جرمني ۽ ھالينڊ ويو، جتي ھالينڊ مان ماسٽر ۽ بيلجيئم مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري پاس ڪري وطن واپس آيو ۽ 1976 ۾ ملڪ اندر انجنيئرنگ ريسرچ ليبارٽريز قائم ڪئي، جنهن کانپوءِ ان ليبارٽريز جو نالو چينج ڪري سندس نالي سان رکيو ويو، ھي ادارو ملڪ ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو جنهن کان پوءِ ڊاڪٽر عبدالقدير خان مسلسل پاڪستان جي خدمت ۾ مشغول رھندو ھو، ان خدمت جي جذبي سان ڊاڪٽر قدير خان 1998 ۾ پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻائي پوري دنيا اندر پاڪستاني عوام جو سر فخر سان بلند ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي پاڻ کي ملڪ جي محسنن جي لسٽ ۾شامل ڪري پاڻ کي اعزاز بخشيو، جنهن کان پوءِ سندس نالو دنيا جي بھترين سائنسدانن ۾ شمار ڪيو ويندو ھو، سندس ملڪ سان وفاداري ۽ خدمتن عيوض 1996ع ۽ 1999ع ۾ کيس نشانِ امتياز جي ايوارڊ سان نوازيو ويو، ان سان گڏ کيس ملڪ جي حلال امتياز جي ايوارڊ سان نوازيو ويو، صرف ايترو نه پر ملڪ جي ڪافي يونيورسٽيز مان کيس اعزازي طرح ايوارڊ توڙي انعام ملندا رھندا ھئا، ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي نگرانيءَ ۾ ھڪ ھزار ڪلو ميٽر تائين مار ڪندڙ غوري ميزائل سميت ڪافي ننڍا وڏا ميزائل تيار ڪري پاڪستان کي دنيا اندر بھادر ملڪ طور بيھاري ڇڏيو،  ان سان گڏ ڪافي سارا دفاعي ھٿيار ٺاھي ملڪ جي خدمت ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو پر افسوس ته جنرل پرويز مشرف پنهنجي حڪومت دوران ڊاڪٽر عبدالقدير خان مٿان جاسوسي جو الزام ڏئي کيس گھر اندر نظربند ڪري ڇڏيو، جتي ڊاڪٽر قدير خان زندگي جا آخري 20 سال نظربندي واري حالت ۾ گذاريا، سندس گھر کان ٻاهر نڪرڻ عام ماڻهو کان وٺي خاص ماڻهن سان ملڻ تي پابندي لڳائي وئي، مطلب محسن پاڪستان کي ذھني دٻاءُ ۾ رکي ھڪ گھر تائين محدود ڪيو ويو ته اھو ھاڻي ڪنھن به سرگرمي ۾ حصو نه وٺندو ۽ نه وري آخري ڪراڙپ واري زندگيءَ ۾ ڪو سک جو ساھ کڻي سگھندو، پاڪستان سان لازوال محبت ڪندڙ پنهنجي جان مال ملڪ تي قربان ڪري ڇڏيندڙ عظيم ملڪي ھيرو سان وقت جي حڪومتن اھڙو ته ناروا سلوڪ ڪيو جيڪو ڪنھن ملڪ جي دشمن سان نه ڪيو وڃي ڊاڪٽر قدير خان جي ملڪ سان محبت سچائي جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي پر سندس سچائيءَ ۽ خلوص بدلي جيڪا اذيت ۽ تڪليف ڏني وئي ان کي به ڪير وساري نٿو سگهي، جيڪڏهن ائين کڻي چئجي ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي ملڪ سان محبت سچائي ڪرڻ بدلي اذيت ۽ نظربند واري زندگي گذارڻي پئي ته ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، پاڻ ھڪ دفعي کليل دل سان اظھار ڪيو ته ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائڻ ۽ ان محنت جي ڪري مون کي ذھني ٽارچر ڪيو پيو وڃي اڄ جيڪڏهن تڪليفن ۾ مصيبتن ۾ گھيريل آھيان ته ان جو سبب ملڪ کي ايٽمي طاقت ڏيڻ آهي جنهن سبب مون کي ذھني دٻاءُ ۾ رکيو ويو آهي، ڊاڪٽر قدير خان تي ھڪ وقت اھڙو آيو جو پاڻ قرباني نه ڪري سگهيو جنهن جو خاص سبب سندس جي مالي حالتون هيون ڊاڪٽر عبدالقدير خان وڏي عمر ھجڻ ڪري ڪافي وقت کان ڦڦڙن جي عارضي ۾ مبتلا ھو جنهن جي سبب پاڻ ڪالھه 86 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين، سندس پاڪستان لاءِ ڏنل قربانين کي ڪير به وساري نٿو سگهي سندس نالو محسن پاڪستان جي لسٽ ۾ ھجڻ ڪري پاڻ پاڪستانين جي دلين ۾ ھميشھ زنده رھندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو