ايڊيٽوريل
سنڌ ۾ قبيلائي ۽ برادري جهيڙن جو دوزخ ٺرڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي، اهڙو ڪو خوشقسمت ڏينهن هوندو جنهن ڏينهن ڪٿان به ڪا اهڙي جهيڙي ۾ قتل جي خبر اکين آڏو نه گذرندي، نه ته اڪثر ڪري اخبارن جا آئينا روز اسان جي ڪارڪردگيءَ جو خراب ٿيندڙ چهرو اهڙي طرح ڏيکارين ٿا ڄڻ هِن خوبصورت صوبي اندر ڪا حڪمراني ئي نه آهي. بنيادي طور تي حڪمراني ڪيئن ٿيندي آهي؟ اِهو هڪ ڊگهو سبجيڪٽ آهي، حڪمراني رڳو اقتدار تي ويٺل چهرن جي مٿان ئي ناهي هوندي پر جيستائين انهن جا انتظامي پرزا/ ادارا بهتر نموني ڪم نه ٿا ڪن تيستائين انهن جو چهرو به اخبارن ۾ اهڙو ئي نظر اچي ٿو جهڙو سماج جو عڪس آهي. بدقسمتيءَ سان اسان وٽ ويجهي عرصي کان جيڪا قبيلائي ۽ برادري جهيڙن جي باهه ٻري آهي ان ۾ حڪومتي نااهليءَ سان گڏ ادارن جي غير فعالي خاص ڪري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نااهلي، غير فعالي ۽ غير ذميواري جو چهرو چٽو ٿي پيو آهي. هيءُ رڳو لفظي درد نه آهي پر سنڌ ان حقيقي درد مان گذري رهي آهي جتي ڏينهن ڏٺي جو وچ شهر ۾ رهزن پنهنجو وار ڪري ان جا 9-8 ٻچا رهڙو ڏئي کائي وڃن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن اِهو انگ ڊبل فگر کان مٿي چڙهي ويندو آهي پر بي حسي اِها آهي ته اِهي عمل روڪڻ لاءِ ويٺل ۽ چونڊيل اسان جا چهرا رڳو مذمتي بيان جاري ڪري خاموش ٿي ويهي رهندا آهن. اهڙو ئي هڪ واقعو گذريل ڏينهن اوٻاوڙي ۾ ٿيو آهي، جتي سنڌ ۽ پنجاب جي انڍڙ برادري جي ماڻهن ۾ معمولي شڪ جي بنياد تي 15 کان 20 هٿياربند سرعام هٿيار کڻي شهر ۾ ڪاهي پون ٿا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي 9 ماڻهو قتل ڪري انهن جي موت تي وحشي رقص بعد آسانيءَ سان فرار ٿي وڃن ٿا. هيءُ هڪ واقعو نه آهي پر هڪ ڪهاڻي آهي جيڪا ٻڌائي ٿي ته اسان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهليت ڪيتري آهي جو سرعام ٻاهران ڌڻ جي حساب سان هٿيار کڻي ماڻهو وچ شهر ۾ پهچن ٿا، فائرنگ ڪن ٿا، ماڻهو مارين ٿا ۽ وري آسانيءَ سان ڀڄي به وڃن ٿا ۽ اهو سڄو عمل ڪرڻ دوران شهر توڙي رستي ۾ ڪٿي به انهن کي ڪير به روڪڻ وارو نه آهي. ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته ان عمل ۾ ڪٿي نه ڪٿي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار ضرور ملوث هوندا، خاص ڪري سنڌ پوليس جا اهلڪار ڏيتي ليتي جا ماهر آهن، جيڪي پٽي ڀائين کي به نٿا بخشين، اهي کيسو گرم ڪرڻ جي لاءِ جيڪڏهن ان شهر ۾ هوندي به واقعو ٿي وڃڻ کانپوءِ ڪلاڪ تائين واردات واري هنڌ تي پهچن ته پوءِ ان کي ڪهڙو نالو ڏجي؟ اسان سمجهون ٿا ته جيستائين اقتدار تي ويٺل وڏا تحرڪ نه وٺندا تيستائين انتظامي مشينري ائين ئي وائڙي ڄڃ وانگر رهندي ۽ نتيجي ۾ سنڌ پوليس ۾ موجود ڪاريون رڍون اهڙن موقعن جو فائدو وٺي پنهنجا کيسا ۽ اڪائونٽ ته ڀرينديون رهنديون پر سنڌ تان بدامنيءَ جو اِهو ڏمر نه لهي سگهندو. ان ڪري جيڪڏهن صوبي کي قبائلي ۽ برادري جهيڙن جي دوزخ کان بچائڻو آهي ته سڀ کان پهريان انتظامي مشينري کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو، ان لاءِ ڪنهن به قسم جي سوديبازي کي لت هڻڻي پوندي، من پسند ايس ايڇ اوز ۽ ايس ايس پيز مقرر ڪرڻ وارو عمل ختم ڪرڻو پوندو ۽ جيڪڏهن سنڌ جو سردار يا وڏيرو ان عمل ۾ ڪٿي به ملوث نه آهي ته پوءِ ان کي به اڳيان اچڻو پوندو، ٻي صورت ۾ اخبارن جو آئينو ته ڪوڙ نه ڳالهائيندو، اهو اهڙا چهرا ايستائين ڏيکاريندو رهندو جيستائين امن جو خواب تعبير نه ماڻي.