109

يمن جي علائقي سيون ۾ ڪار بم ڌماڪو،3 ماڻهو مارجي ويا، 4 زخمي

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ ڪار بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ماڻهو مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا آهن .رپورٽ مطابق اهو ڌماڪو گذريل ڏينهن صوبي حدر اموت جي ضلعي سيون جي مرڪزي روڊ تي هڪ گاڏي ۾ رکيل ڌماڪي ڌار مواد جي ڦاٽڻ سبب ٿيو. جنهن جي نتيجي ۾ 3 رستي ويندڙ موقعي تي ئي مارجي ويا .جڏهن ته 4 زخمي ٿي پيا آهن .اختيارين جو چوڻ آهي ته  ڌماڪي سبب  ڪيترن رهائشي  ۽ سرڪاري عمارتن کي به نقصان پهتو آهي. ريسڪيو ٽيمن حادثي ۾ مارجي ويلن ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي . پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو