126

نيب پاران مريم نواز ۽ سندس مڙس محمد صفدر جون ضمانتون رد ڪرڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي نياڻي مريم نواز ۽ سندس مڙس محمد صفدر جون ضمانتون رد ڪرڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست دائر ڪري ڇڏي آهي. دائر درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مريم نواز ۽ محمد صفدر ضمانت جو غلط استعمال ڪيو ۽ مريم نواز نيب خلاف نفرت انگيز تقرير جي مرتڪب ٿي آهي.  نيب طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز ۽ سندس مڙس ڪيپٽن (ر) محمد صفدر جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ درخواست دائر ڪئي وئي. نيب درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي، ته مريم نواز ۽ محمد صفدر پنهنجي ضمانت جو غلط استعمال ڪيو آهي ۽ مريم نواز نيب خلاف نفرت واري تقرير جي مرتڪب ٿي آهي. ان کان علاوه نيب لاهور ۾ طلبي تي نيب آفيس تي حملو به ڪيو ويو. جوابدارن جي ڪنڊڪٽ گواهن تي به دٻاءَ جو سبب بڻي آهي. نيب جو چوڻ آهي ته احتساب عدالت مريم نواز کي 7 سال قيد ۽ 2 ملين پائونڊ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي، کيس ڪو به عوامي عهدو رکڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو. 6 جولاءِ 2018ع تي ٻڌايل سزا خلاف اپيل به اڃا تائين التويٰ هيٺ آهي، اپيل تي گذريل 8 شنوائن مان 5 ڀيرا اپيل ڪندڙن التويٰ گهري. نيب طرفان استدعا ڪئي وئي آهي ته 19 سيپٽمبر 2018ع تي مريم نواز ۽ محمد صفدر جي سزا معطل ڪري ضمانت ڏيڻ واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. واضح رهي ته مريم نواز ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست دائر ڪري رکي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو