100

خواجه ڀائرن خلاف پيراگون ريفرنس جي ٻڌڻي 29 آڪٽوبر تائين ملتوي

لاهور  (ويب ڊيسڪ) لاهور جي احتساب عدالت مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن خواجه سعد رفيق ۽ خواجه سلمان رفيق خلاف پيراگون هائوسنگ سوسائٽي ريفرنس جي ٻڌڻي 29 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي گواهن جا بيان قلم بند ڪرائڻ لاءِ طلب ڪري ورتو. احتساب عدالت جي جج ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي.  عدالتي حڪم تي اڳوڻي وفاقي وزير خواجه سعيد رفيق ۽ خواجه سلمان رفيق پيش ٿيا ۽ عدالت کي استدعا ڪئي ته هو مسلم ليگ (ن) جي سينئر اڳواڻ پرويز ملڪ جي جنازي ۾ شرڪت ڪرڻ چاهين ٿا ان لاءِ حاضري لڳائي کين اجازت ڏني وڃي. جنهن تي عدالت خواجه ڀائرن جي حاضري لڳائي کين اجازت ڏئي ڇڏي ۽ ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن سميت گواهن کي ٻيهر طلب ڪري ورتو. واضح رهي ته پيراگون هائوسنگ سوسائٽي ريفرنس ڪيس ۾ هاڻي تائين 9 گواهه پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائي چڪا آهن. خواجه ڀائرن خلاف مجموعي طور تي 130 گواهه پنهنجا بيان قلمبند ڪرائيندا.خواجه ڀائرن خلاف پيراگون ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ٿي چڪو آهي. نيب ريفرنس ۾ پيراگون سوسائٽي ۾ عام شهرين سان 59 ڪروڙ جي فراڊ جو الزام لڳايل آهي. ياد رهي ته ان ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ خواجه سعد رفيق، خواجه سلمان رفيق جون ضمانتون منظور ڪيون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو