106

کنڊ جون قيمتون ايندڙ مهيني گهٽجي وينديون، 80 رپيا يا ان کان گهٽ قيمت تي کنڊ وڪرو ڪئي ويندي:وفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي فوڊ سيڪيورٽي بابت خاص معاون جمشيد اقبال چيمه چيو آهي ته کنڊ جون قيمتون ايندڙ مهيني کان گهٽجي وينديون، 80 رپيا يا ان کان به گهٽ قيمت تي کنڊ وڪرو ڪئي ويندي، جنهن جي نگراني حڪومت ڪندي، هلندڙ سيزن دوران ڪمند جي ڀرپور پيداوار ٿيندي، ملڪ ۾ هن وقت به کنڊ جي قيمت عالمي مارڪيٽ کان گهٽ آهي. کنڊ جي قيمتن جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته کنڊ جون قيمتون ايندڙ مهيني کان گهٽجڻ شروع ٿي وينديون. هلندڙ سيزن دوران ڪمند جي 100 ملين ٽن کان وڌيڪ پيداوار جي اميد آهي جنهن مان اندازن 9 ملين ٽن کنڊ تيار ٿيندي. اسان جي قومي ضرورت هڪ کان ڇهه ملين ٽن آهي. هن چيو ته هن سال کنڊ جي پيداوار ڏيڍ سال جي ضرورت پوري ڪندي. هن چيو ته اسان کنڊ جي هاڻي فڪسڊ قيمت مقرر ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اٽي جي قيمتن جيئان جلد کنڊ، گيهه ۽ دالين جا اگهه به گهٽايا ويندا. کنڊ، اٽي، دالين ۽ گيهه جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي. جڏهن ته گهه تي سبسڊي فراهم ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو