97

آءِ ايس آءِ جي سربراهه جي مقرري تي ڪو اختلاف نه آهي، سڀ هڪ پيج تي آهيون، معاملو جلد نبيري وٺنداسين: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آءِ ايس آءِ جي سربراهه جي مقرر ي تي ڪو اختلاف نه آهي، سڀ هڪ پيج تي آهيون، معاملو جلد نبيري وٺنداسين. اهڙو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدرات ڪندي ڪيو. ان اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان فوج ۾ بدلين  ۽ آءِ ايس آءِ جو نئون ڊي جي مقرر ڪرڻ جي معاملي تي وفاقي ڪابينا کي اعتماد ۾ پڻ ورتو. وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته آءِ ايس آءِ جو نئون ڊي جي مقرر ڪرڻ جي نوٽيفڪيشن واري معاملي کي غلط رنگ نه ڏنو وڃي، بدلين مقررين جي معاملي ۾ ٿيندڙ  اجاين ڳالهين تي ڌيان نه ڏنو وڃي.  ٻي پاسي وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته  گذريل رات وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي ڊگهي ملاقات ٿي، نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري لاءِ قانوني واٽ ورتي ويندي ۽ سمورا آئيني گهرجون پوريون ڪيون وينديون. آءِ ايس آءِ جو ڊي جي مقرر ڪرڻ وزيراعظم جو اختيار آهي ۽ ان جي مقرري گهڻ بنيادي مشاورت سان ئي ٿيندي آهي، ان معاملي ۾ قانوني واٽ وٺڻ بابت ٻنهي ۾ اتفاق پڻ آهي.  وزيراعظم آفيس اهڙو قدم نه کڻندي جنهن سان آرمي چيف جي عزت گهٽجي ۽ پاڪ فوج يا سپاهه سالار پڻ ڪو اهڙو قدم نه کڻندا جنهن سان وزيراعظم يا سول سيٽ اپ جي عزت ۾ گهٽتائي ٿئي. هن وڌيڪ چيو ته  وزيراعظم ۽ آرمي چيف جا ويجها لاڳاپا آهن. پاڪستان جي ملٽري ۽ سول قيادت ۾ سٺا لاڳاپا آهن، نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرريءَ واري معاملي تي وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جو  مڪمل اتفاقِ راءِ آهي. پاڪستان جي تاريخي لحاظ سان اها ڳالهه اهم آهي ته ملڪ جي سول ۽ ملٽري جا لاڳاپا ڏاڍا آئڊيل آهن، ٻنهي جو هڪ ٻي سان گهڻو ويجهو رابطو پڻ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو