106

شاهد خاقان ۽ مفتاح اسماعيل پاران نيب آرڊيننس بنياد تي رليف وٺڻ کان انڪار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي ۽ ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل نيب آرڊيننس بنياد تي ايل اين جي ريفرنس مان رليف وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ايل اين جي ريفرنس ۾ شريڪ جوابدارن ريفرنس خارج ڪرڻ جي گذارش ڪئي، شريڪ جوابدار جي وڪيل ٻڌايو ته نيب ترميمي آرڊيننس اچي ويو آهي، جائزو وٺي رهيا آهيون، مڪمل جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪيس مان بري ٿيڻ جي لاءِ درخواست داخل ڪنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو