117

ڪراچي ۾ صوبائي وزير سهيل انور سيال جي گهر فلمي نوعيت جي واردات

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ صوبائي وزير سهيل انور سيال جي گهر فلمي نوعيت جي واردات ٿي، صوبائي وزير سهيل انور سيال ملڪ کان ٻاهر ويو ته چور سندس گهر ۾ چوري لاءِ آيا، اهلڪارن جي موجودگي باوجود چور گهر ۾ گهڙيا، جڏهن ته هڪ چور 6 ڪلاڪ باٿ روم ۾ بند هو، چوري قيمتي هٿيار چورائي بيگ ۾ وڌا ۽ اهي ڇت تان اڇلايا ته بيگ پاڙي جي گهر ۾ ڪري، جنهن کانپوءِ هڪ چور پنهنجي سئوٽ کي به گهرايو، پاڙي جي گهر مان هٿيار کڻي فرار ٿي ويا، جڏهن ته چوري ڪيل هٿيار وڪرو ڪري رهيا هئا ته پوليس ٻنهي کي گرفتار ڪري ورتو. واقعو ڪجهه ڏينهن اڳ پيش آيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو