اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم چيو آهي ته پاڪستان گري لسٽ مان نِڪرڻ لاءِ ايف اي ٽي ايف جون اٽڪل سموريون گُهرجون پوريون ڪري ڇڏيون آهن، هاڻي پاڪستان جو ڪيس دراصل ايف اي ٽي ايف جي انصاف پسنديءَ جو امتحان آهي. ايف اي ٽي ايف کي سمورن ملڪن تي بنا ڪنهن فرق جي هڪ جهڙو قانون لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن ترڪي جي شهر استنبول ۾ ٿيل هڪ تقريب جي موقعي تي ترڪيءَ جي خابرو اداري کي خصوصي انٽرويو ۾ ڏيندي ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ فروغ نسيم چيو ته پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي ڏنل 27 مان 26 نقطن تي عمل ڪيو آهي پر ان باوجود پاڪستان اڃا تائين گري لسٽ ۾ ڇو موجود آهي؟ هن چيو ته جيڪڏهن ايف اي ٽي ايف جا ماڻهو سٺا آهن ۽ اميد آهي ته پاڪستان سان به عالمي سطح تي هڪ جهڙو قانون لاڳو ڪيو ويندو. فروغ نسيم چيو ته هاڻي پاڪستاني ڪيس اصل ۾ ايف اي ٽي ايف جي انصاف پسنديءَ جو امتحان آهي، مون کي يقين آهي ته هي هڪ منصفاڻو نظام آهي. هن چيو ته عالمي معيار هر ملڪ تي لاڳو ٿيڻ گهرجن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن واضح ڪيو ته توهين رسالت جي قانون کي ختم نه ڪنداسين، پاڪستان حڪومت، وزيراعظم عمران خان ۽ مان توهين رسالت جي قانون کي ختم ڪرڻ جو تصور به نٿا ڪري سگهن، جيڪڏهن نظام ۾ ڪٿي ڪا خامي آهي ته ان جي نشاندهي ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته توهين رسالت جي قانون تي تنقيد ڪندڙ اولهه جا ملڪ ڪشمير ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڇو نه ٿا ڳالهائين؟ وفاقي وزير سوال اُٿاريو ته ڀارت ايف اي ٽي ايف جي ريڊار تي ڇو نه آهي؟ پاڪستان ايف اي ٽي ايف ۾ چين سان گڏوگڏ ترڪي جي سهڪار تي پنهنجي ترڪي جي ڀائرن جو شڪرگذار آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان هڪ اهڙي ملڪ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي جتي انصاف جي فراهمي ۽ فوري ٿئي ۽ اها تبديلي شروع ٿي چڪي آهي. فروغ نسيم پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ گڏيل قانوني فورم قائم ڪرڻ، انٽرن ايڪسچينج پروگرامن ۽ ٻنهي ملڪن جي وڪيل برادريءَ وچ ۾ تجربن جي مٽاسٽا جون تجويزون پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جا وڪيل هر فورم تي پنهنجا ڪيس وڙهڻ جي صلاحيت رکن ٿا. قانون واري وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جا اڳوڻا جج ۽ وڪيل گڏجي ويهي ڪري عالمي سطح تي واپاري نوعيت جا ڪيس وڙهي سگهن ٿا. ترڪي ۾ غير قانوني اميگريشن جو حوالو ڏيندي هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جون اختياريون ان مسئلي کي ختم ڪرڻ لاءِ روزانو جي بنياد تي ڪم ڪري رهيون آهن.
129