161

بالي ووڊ ۾ پنهنجا نوازي نه پر نسل پرستي سڀ کان وڏو مسئلو آهي: نواز الدين صديقي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي بهترين اداڪار نواز الدين صديقي چيو آهي ته بالي ووڊ ۾ پنهنجا نوازي نه پر نسل پرستي سڀ کان وڏو مسئلو آهي،هن هڪ انٽرويو ۾ چيو ته نسل پرستي خلاف ڪيترن سالن کان وڙهي رهيو آهيان، سانوري رنگ جي اداڪارائن کي به بالي ووڊ ۾ ڪم ملڻ گهرجي،ڪيترن سالن کان مونکي به سانوري رنگ جي ڪري مسترد ڪيو ويو، ننڍي قد جو به منهنجي مٿان ليبل لڳي ويو، هن چيو ته ڪيتريوئي اداڪارائون نسل پرستي جي ڪري بالي ووڊ کان پري وڃي چڪيو آهن، جن کي ٻيهر انڊسٽري ۾ آندو  وڃي، پنهنجي فلم  سيريس مين بابت نواز الدين صديقي چيو ته منهنجي فلم سيريس مين ۾ سانوري  ساٿي اداڪاره اندرا تيواري بهترين اداڪاري ڪئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو