99

ٿر جي تازي يادگار ياترا

ليکڪ: الطاف ابڙو

هڪڙي فون ڪال تي ٿر اچي پهتاسين سائين ايوب مري ڪال ڪئي ته ٿر هلبو، ها ڪيو يا نه؟ مون چيو ها سائين، ٻئي ڏينهن تي سائين ممتاز حسين مغل، حسن کوسو ۽ مان صبح جو خيرپور کان نڪري گمبٽ نور هوٽل تي اچي پهتاسين، جتي سائين ايوب مري، سليم جوڻو اسان کي جوائن ڪيو سڌو نوابشاهه- سانگهڙ رستي کان چوٽياريون ڊيم گهمندي، ميرپورخاص کان ٿيندي مٺي اچي پهتاسين، جتي پياري فياض سومري ڪيفي ٿر هوٽل تي رات جي ماني جو بندوبست ڪيو، فياض سومرو سٺو دوست آهي، جنهن پنهنجي زندگي ۾ تمام گهڻي محنت ڪئي آهي، هر دوست ۽ استاد کي وڏي عزت ڏئي ٿو، هن جو والد سائين ممتاز علي سومرو به نهايت يار ويس ماڻهو هو، جيڪو سادو ۽ سڌو انسان رهيو، سائين ممتاز سومرو پنهنجي اولاد جي گهٽ وسيلن ۾ تمام سٺي تعليم ۽ بهتر پرورش ڪئي، سندس اولاد به پنهنجي والد وانگر نهايت معتبر ۽ سلڇڻي طبيعت جو مالڪ آهي، فياض سومرو ٿر ڪول ۾ لينڊ پرچيز آفيسر جي حيثيت ۾ پنهنجي نوڪري ڪري رهيو آهي، مٺي جي گڊي ڀٽ تي رات جا دل ڪش منظر ڏسي دل نهايت خوش ٿي، رات دير سان مٺي کان اسلام ڪوٽ اچي ٿر لاجز ۾ ترسياسين، جتي اسان جي رهائش جو انتظام به فياض ڪيو هو، فياض آفيس جي ڪم سبب اسان سان رات جو ملاقات ڪري نه سگهيو صبح جو ناشتي تي اسان کي جوائن ڪيو، هن چيو ته اوهان ننگر پارڪر، ڪاسبو ڀوڏيسر جو سير ڪيو، ان سان گڏ اوهان چوڙيو جو مندر به ڏسو اهو ڪجهه پر ڀرو آهي، ان رستي تي اوهان جي گاڏي نه هلي سگهندي اوهان منهنجي گاڏي کڻي وڃو، اسان ننگر پارڪر کان چوڙيو مندر ڏانهن نڪري آياسين، چوڙيو ماتا مندر ننگرپارڪر کان 35 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي جنهن طرف اسان کي ڪچي جي رستي سان اچڻو پيو، ڇاڪاڻ جو پڪو رستو يا روڊ ٺهيل نه آهي، مندر تائين پهچڻ ۾ اسان کي ٻه ڪلاڪ لڳي ويا، اسان ٿر ڪافي دفعا آيا آهيون پر هن چوڙيو ماتا واري مندر تي پهريون ڀيرو اچڻ ٿيو آهي، بهترين مندر آهي جيڪو لڳ ڀڳ 200 فوٽ مٿي ٽڪر تي موجود آهي، جتي مختلف علائقن جا غيرمسلم ۽ هندو وڏي تعداد ۾ اچن ٿا، جيڪي عبادت ڪن ٿا ۽ پنهنجون مرادون کڻي اچن ٿا، مندر جي مجاور ٻڌايو ته هي مندر تمام گهڻو پراڻو آهي، اسان هتي پنهنجن ابن ڏاڏن کان ايندا رهون ٿا. مون هن مندر تي ڪافي مرد ۽ عورتون ڏٺيون جيڪي پنهنجي پنهنجي عقيدي سان آيل هيون، ڪنهن ٻڌايو ته بيمار آهيان، ته ڪنهن ٻڌايو ته گهر ۾ مصيبت آهي، ته ڪنهن ٻڌايو ته پٽ يا ڌي جي شادي نٿي ٿئي مطلب ته ماڻهو مختلف مرادون کڻي آيل هئا، مون انهن کان معلومات ورتي جنهن تي هنن ٻڌايو ته مندر تي مرادون پوريون ٿيڻ لاءِ 10 ڏينهن تائين فاڪو ڪري رهڻو پوي ٿو، جنهن ۾ بس فروٽ ۽ پاڻي وٺڻو هوندو آهي، سو به ان جو وقت مقرر ٿيل هوندو آهي، منڌر جي بناوت هڪ وڏي پٿر جي هيٺان اهڙي نموني ٿيل آهي جو هڪ پاسي جي ڇپر هيٺان چوڙيو ماتا جو مندر آهي ته ٻئي پاسي کان مراد کڻي ايندڙ مرد ۽ عورتن لاءِ جاءِ ٺهيل آهي، جنهن جي ڇپر هيٺان اهي پنهنجو مقرر وقت گذارين ٿا. مندر تان انڊيا جو باڊر چڱي نموني سان ڏسي سگهجي ٿو، هي مندر انڊيا جي باڊر کي بلڪل ويجهو آهي، مندر کان انڊيا ۽ پاڪستان باڊر تي لڳل تار به نظر اچي ٿي، ٻڌايو ويو ته انڊيا جو نظر ايندڙ ايريا جوڌپور جو آهي، اسان مندر کان واپس ڀالوا ماروي جي کوهه طرف آياسين، جتي وڏو ميلو متل هو ماروي جي کوهه تي هاڻي ماڻهن جي اچڻ جو انگ وڌي ويو آهي، ماڻهو هاڻي سير تفريح جي لاءِ گهرن کان نڪرن ٿا، ڪووڊ جي ڪري جيڪي ماڻهو گهرن تائين محدود هئا، اهي مختلف ماڳن ڏانهن وڃي رهيا آهن، ماروي جي کوهه تي اٺ ۽ گهوڙا بهترين سيگاريل هئا انهن جا مالڪ 50 يا 100 رپيا وٺي سير ڪرائين ٿا، اسان کوهه تان واپس ٿي ٻي رات به اسلام ڪوٽ ٿر لاجز ۾ ترسياسين، صبح جو ناشتو ڪري فياض سومري اسان کي خدا حافظ ڪيو، اسان مٺي آياسين جتان اسان کنڀيون، هنداڻا، چڀڙ ۽ ٻيون سبزيون ورتيون، ٿر ۾ تازين برساتن ٿر کي وڌيڪ حسناڪيون بخشڻ سان گڏ اتان جي ماروئڙن کي خوشحالي به ڏني آهي، اتي نظر ايندڙ چوپايو مال صحت مند ۽ ماڻهو خوش نظر آيا، مينهوڳي کانپوءِ ٿر ۾ ٿيندڙ فصل تر، کنڀيون، ٻاجهري، چڀڙ، هنڌاڻا، گوار، ڦريون، موريڙو ۽ ٻيون مختلف ڀاڄيون عام جام ۽ سستي اگهه تي ملي رهيون هيون، سنڌ جي سڀني ماڳن ڏانهن ايندڙ يا ويندڙ رستا مون کي نهايت خراب نظر آيا آهن، سنڌ حڪومت کي گذارش آهي ته انهن رستن ڏانهن ڌيان ڏئي ته جيئن اسان به ٻين صوبن جي تفريحي ماڳن جيان پنهنجا تفريحي ماڳ بهتر نموني گهمي سگهون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو